”تون هن عباريم جابلو علائقي تي چڙهي نبو جبل تي وڃ، جيڪو موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون آهي. اتان تون ڪنعان جو ملڪ ڏس، جيڪو آءٌ بني اسرائيل کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان.
پوءِ موسيٰ موآب جي ميدان مان نبو جبل جي پسگاہ نالي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، جيڪا يريحو شهر جي سامهون آهي. خداوند هن کي جِلعاد جو سڄو علائقو اتر طرف دان شهر تائين ڏيکاريو.