Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 33:4 - Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ وقت مصري پنهنجا سڀ پهريتا ٻار دفن ڪري رهيا هئا، جن کي خداوند ماريو هو. خداوند انهن جي معبودن کي بہ سزا ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 انهي وقت مصرين پنهنجا اهي پهريتا ٻار پئي دفن ڪيا، جن کي خداوند ماريو هو: خداوند انهن جي معبودن کي بہ سزا ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 33:4
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن مصرين جي سڀني پهريتن پٽن کي ماري ڇڏيو، هائو، اهي جيڪي سندن گھراڻي جا پڳدار پٽ هئا.


انهيءَ ئي رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگھندس ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ ماڻهن جا پهريتا پٽ يا جانورن جا پهريتا نر ٻچا هوندا، تن سڀني کي ماري ڇڏيندس. مصر جي سڀني معبودن کي بہ سزا ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.


جڏهن مصرين انهيءَ ڳالهہ ۾ مغروريءَ سان بني اسرائيل جي برخلاف ڪم ٿي ڪيو. هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي.“


مصر بابت خداوند هي پيغام ڏنو تہ ”ڏسو، آءٌ خداوند هڪ تيز رفتار بادل تي سوار ٿي مصر ڏانهن اچي رهيو آهيان. منهنجي اچڻ تي مصر وارن جا ديوتا ڏڪڻ لڳندا، ۽ ماڻهو همت هاري ويهندا.


خداوند هنن کي هيبت ۾ وجھندو، بلڪ ڌرتيءَ جي سڀني معبودن کي هيڻو ڪري ڇڏيندو. پوءِ سڀيئي قومون سندس بندگي ڪنديون. هائو، سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ خداوند جي ئي عبادت ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ