پر جڏهن اسان خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو تہ هن اسان جي پڪار ٻڌي ۽ هڪڙي ملائڪ کي موڪلي اسان کي مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو. هاڻ اسين قادش شهر ۾ آهيون جيڪو اوهان جي سرحد جي ڪناري تي آهي.
پوءِ بني اسرائيل هور جبل کان ڳاڙهي سمنڊ جي رستي روانا ٿيا تہ جيئن ادوم ملڪ جي سرحد جي ٻاهران ڦيرو ڏيئي لنگھي وڃن. پر انهيءَ ڊگھي رستي جي ڪري هو بيصبر ٿي پيا.