37 روبن قبيلي وارن هي شهر وري تعمير ڪيا: حشبون، العالي ۽ قريتائم،
37 ۽ بني روبن بہ، حسبون، اليعالي، قريتائم؛
چوڏهين سال ڪدرلاعمر ۽ سندس اتحادي بادشاهہ پنهنجين فوجن سان آيا ۽ رفائين کي عشتاراتقرنيم ۾، زوزين کي هام ۾، ايمين کي سويقريتيم شهر ۾
حشبون ۽ العالي شهرن جا ماڻهو روئن رڙن ٿا، سندن رڙين جو آواز تمام پري يهض تائين پيو ٻڌڻ ۾ اچي. انهيءَ ڪري موآب جا سپاهي بہ خوف وچان دانهون ٿا ڪن. هائو، موآب جا جنگي جوڌا همت هاري ويٺا آهن.
قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي نبو شهر وارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ سندن شهر ويران ٿي ويندو. قريتائم شهر جا رهاڪو پڻ خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهر جو ڪوٽ ڪيرايو ويندو، ۽ شهر قبضي هيٺ اچي ويندو.
حشبون ۽ العالي شهرن وارا رڙيون ڪندا. سندن رڙيون يهض شهر تائين، بلڪ ضغر کان وٺي حورونايم ۽ عجلت شليشياهہ شهرن تائين پيون ٻڌبيون، ڇاڪاڻ تہ برباديءَ سبب نمريم نهر جو پاڻي بہ سڪي ويندو.
تنهنڪري ڏس، آءٌ موآب ملڪ جي اولهہ طرف واري سرحد دشمنن جي حملي لاءِ کولي ڇڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ سرحد جا شهر توڙي ملڪ جا ٻيا شاندار شهر بيتيسيموت، بعلمعون ۽ قريتائم بہ ناس ٿي وڃن.
سيحون جي انهيءَ فتح جي ڪري امورين هيءَ شاعري ٺاهي هئي تہ ”سيحون بادشاهہ جي شهر حشبون ۾ اچو، تانتہ اهو شاهي شهر اڏجي وڌيڪ مضبوط ٿئي.
”اهو ملڪ جنهن تي خداوند بني اسرائيل جي هٿان قبضو ڪيو آهي ۽ جنهن ۾ عطارات، ديبون، يعزير، نمراہ، حشبون، العالي، سبام، نبو ۽ بعون شهر آهن، تنهن جي زمين چوپائي مال جي لاءِ تمام چڱي آهي. جيئن تہ اسان اوهان جي ٻانهن وٽ گھڻو چوپايو مال آهي،
بيتنمراہ ۽ بيتهارن. هنن پنهنجين رڍن ٻڪرين جي لاءِ واڙا پڻ ٺاهيا.
نبو ۽ بعلمعون ۽ سبماہ. جيڪي شهر وري ٺاهيائون تن جا هنن نوان نالا رکيا.
قريتائم، سبماہ ۽ ضرتالسحر جيڪو ماٿريءَ ۾ ٽڪر تي آهي،