Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 32:33 - Muslim Sindhi Bible

33 تڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جا ملڪ شهرن ۽ ٻهراڙيءَ سميت جد ۽ روبن قبيلن ۽ يوسف جي پٽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏيئي ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 تڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون جي بادشاهت، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي بادشاهت، انهن جي شهرن ۽ حدن موجب، سمورو ملڪ، ۽ انهي جا شهر، بني جد، ۽ بني روبن، ۽ يوسف جي پٽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏيئي ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 32:33
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منسيءَ جي اولهہ واري اڌ قبيلي جا ارڙهن هزار، جيڪي چونڊي ڪڍيا ويا تہ وڃي دائود کي بادشاهہ بڻائين،


يرياہ کي ٻہ هزار ست سؤ مائٽ هئا جيڪي قابل ماڻهو ۽ ڪٽنبن جا وڏا هئا، تن کي دائود بادشاهہ اردن درياءَ جي اوڀر طرف بني روبين تي، بني جد تي ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي تي خدا جي هر ڪنهن ڪم ۽ بادشاهہ جي هر ڪنهن ڪم لاءِ نگران مقرر ڪيو.


روبن، جد ۽ منسيءَ جي اوڀر واري اڌ قبيلي ۾ چوئيتاليهہ هزار ست سؤ سٺ جنگي جوڌا هئا، جيڪي ڍالن، تلوارن ۽ تيرڪمانن جي استعمال جا پڻ ڄاڻو هئا.


روبن ۽ جد قبيلي وارن وٽ چوپايو مال تمام گھڻو هو. سو جڏهن انهن يعزير ۽ جِلعاد جي زمين تي نظر ڪئي تہ ڏٺائون تہ اهو هنڌ چوپائي مال جي لاءِ نهايت سٺو آهي،


اسين هٿيار ٻڌي خداوند جي نگهبانيءَ هيٺ پرينءَ ڀر ڪنعان جي ملڪ ۾ جنگ تي وينداسين پر ملڪيت اسان کي اردن درياءَ جي هِن ڀر ئي ملي.“


بني روبن ۽ بني جد جي قبيلن کي سندن نسلن موجب ورثو ملي چڪو آهي ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي بہ ورثو ملي چڪو آهي.


انهن اڍائي قبيلن کي يريحو شهر جي سامهون اردن درياءَ جي اورينءَ ڀر اوڀر طرف سندن ورثو ملي چڪو آهي.“


اسان انهن جو ملڪ هٿ ڪري، اهو بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنو.


هاڻ جيڪو علائقو اردن درياءَ جي اوڀر طرف برساتي نهر ارنون کان وٺي اتر ۾ حرمون جبل تائين هو ۽ اوڀر واري سڄي اردن ماٿري، جنهن تي بني اسرائيل قبضو ڪري ورتو هو، تنهن جي ٻن بادشاهن کي بني اسرائيل شڪست ڏيئي سندن ملڪ هٿ ڪيا هئا.


خداوند جي ٻانهي موسيٰ ۽ بني اسرائيل انهن ٻنهي بادشاهن کي شڪست ڏني ۽ موسيٰ انهن جو ملڪ بني روبن، بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ورهائي ڏنو.


موسيٰ باقي اڍائي قبيلن کي اڳ ۾ ئي اردن درياءَ جي اوڀر طرف سندن ورثو ڏيئي ڇڏيو هو، جن ۾ منسيءَ جو اڌ قبيلو بہ هو. يوسف جو اولاد ٻن قبيلن ۾ ورهائجي ويو هو، هڪ منسي ۽ ٻيو افرائيم. موسيٰ لاوين کي انهيءَ ملڪ ۾ ٻين قبيلن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو، سواءِ سندن رهڻ لاءِ شهرن جي ۽ انهن پسگرداين جي جتي سندن رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جي لاءِ چارو هو.


خداوند اوهان جي خدا هاڻ اوهان جي بني اسرائيل جي انهن قبيلن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن ساڻن واعدو ڪيو هو. سو هاڻي اوهين ڀلي پنهنجن گھرن ڏانهن انهيءَ ملڪ ۾ موٽي وڃو جيڪو موسيٰ اوهان کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف ملڪيت ڪري ڏنو هو.


انهن مان ڪي اردن درياءُ پار ڪري جد ۽ جِلعاد جي علائقي ڏانهن هليا ويا. پر سائول اڃا بہ جِلجال ۾ ئي رهيل هو ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا سي خوف کان ڏڪندا ٿي رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ