Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 31:41 - Muslim Sindhi Bible

41 موسيٰ اليعزر ڪاهن کي اهو حصو خداوند جي خاص نذراني طور ڏنو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 ۽ اهو محصولي حصو، جو خداوند جي لاءِ کڻڻ واري قربانيءَ طور هو، سو موسيٰ اليعزر ڪاهن کي ڏنو، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 31:41
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بني اسرائيل وڃي ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو.


مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيل بني اسرائيل جي خاص قربانين مان مخصوص حصا آءٌ تو کي، تنهنجي پٽن کي ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏيان ٿو. اهو تو سان ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان مون خداوند جو هميشہ جي لاءِ اڻٽٽ عهد آهي.“


خداوند هارون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”آءٌ تو کي اُهي سڀ شيون ڏيان ٿو جيڪي مون آڏو مخصوص قربانين طور پيش ڪيون ويون آهن. مون اهي تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڪاهنيءَ جو حق ڪري ڏنيون آهن.


سندن حصي ۾ سورهن هزار ڪنواريون ڇوڪريون بہ آيون جن مان خداوند جو حصو ٻٽيهہ ٿيو.


بني اسرائيل قوم جو اڌ حصو جيڪو موسيٰ جنگي جوانن جي اڌ حصي کان ڌار ڪيو سو هي هو:


هر ڪنهن شخص جي مخصوص ڪيل شيءِ، جيڪا هو ڪاهن کي ڏيندو سا سندس ئي ٿيندي.‘“


بني اسرائيل جيڪي شيون مون لاءِ مخصوص ڪري ڪاهن وٽ آڻين، سي سڀ ڪاهن جون ٿينديون.


سفر ۾ پاڻ سان نہ ٿيلهو کڻجو، نڪي هڪڙي جوڙي کان وڌيڪ ڪپڙا يا جتيون ۽ نہ وري ڪا لٺ کڻجو، ڇاڪاڻ تہ مزدور پنهنجي کاڌي پيتي جو حقدار آهي.


جيڪو خدا جي ڳالهين جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنهن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.


جيڪي اڳواڻ ڪليسيا جي چڱيءَ طرح سنڀال ٿا ڪن، خاص ڪري اهي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم محنت سان ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھيا وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ