ڳاڻاٽو 31:28 - Muslim Sindhi Bible28 جيڪي جنگي جوان جنگ تي ويا هئا، تن جي حصي منجھان، خواهہ اهو قيدي ماڻهن جو حصو هجي توڙي ڍورن ڍڳن جو، گڏهن جو حصو هجي توڙي رڍن ٻڪرين جو، تنهن مان هر پنجن سون تي هڪڙو مون خداوند جي خاص نذراني طور اُڳاڙ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible28 ۽ جيڪي جوان جنگ تي ويا هئا، تن کان تون خداوند جي لاءِ محصول اُڳاڙ: پنجن پنجن سون مان هڪڙو ساهوارو، جهڙو ماڻهن مان تهڙو ڍورن، گڏهن ۽ ڌڻن مان: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ کان پوءِ ان قوم جا ماڻهو پنهنجا نذرانا کڻي قادرِمطلق خداوند جي نالي واري جاءِ ۾، يعني صيئون جبل تي قادرِمطلق خداوند آڏو آڻيندا، هائو، انهيءَ ئي قوم وارا جن جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن ۽ جن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي.
بيشڪ اهي سامونڊي جهاز آهن، جيڪي ڏورانهن ملڪن کان پيا اچن، ۽ تنهنجي رهاڪن کي سندن سون ۽ چانديءَ سميت پنهنجي شهر ڏانهن موٽائي پيا آڻين. انهن ۾ سڀني کان پهريائين ترسيس جا جهاز آهن. انهيءَ مان خداوند، تنهنجي خدا جو نالو روشن ٿئي ٿو. هائو، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي تعظيم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ هن تو يروشلم جو شان وَ شوڪت بحال ڪيو آهي.