22 سون، چاندي، پتل، لوهہ، قلعي، شيهو
22 پوءِ سون، رُپو، پتل، لوهہ، قلعي، شيهو،
صِلاہ کي توبلقابيل ڄائو، جيڪو ٽامي ۽ لوهہ مان اوزار ٺاهيندو هو. توبلقابيل کي نعمہ نالي هڪ ڀيڻ هئي.
لوهہ زمين مان کوٽي ڪڍيو وڃي ٿو، ۽ پتل پٿرن مان پگھاري ڪڍيو وڃي ٿو.
تڏهن موسيٰ، اليعزر ڪاهن ۽ سمورا اڳواڻ خيميگاهہ کان ٻاهر هنن جو استقبال ڪرڻ لاءِ نڪري آيا.
جيڪي لشڪر جا ماڻهو جنگ تي ويا هئا تن کي اليعزر ڪاهن چيو تہ ”هي آهن شريعت جا اُهي قاعدا جن جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو آهي:
۽ هر اُها شيءِ جيڪا باهہ ۾ سڙي نہ وڃي، سا باهہ مان لنگھائجي تہ پاڪ ٿي ويندي. تڏهن بہ اها ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ سان پڻ ضرور پاڪ ڪئي وڃي. پر هر اُها شيءِ جيڪا باهہ ۾ سڙڻ جهڙي هجي سا رڳو انهيءَ پاڻيءَ سان پاڪ ڪئي وڃي.
سموري چاندي، سون ۽ اُهي ٿانوَ جيڪي پتل ۽ لوهہ منجھان ٺهيل آهن سي خداوند لاءِ مخصوص آهن. اهي خداوند جي خزاني ۾ جمع ڪيا ويندا.“
بني اسرائيل چوپايومال ۽ انهيءَ شهر مان هٿ آيل ٻيو لٽ جو مال پنهنجي لاءِ رکيو، جيئن خداوند يشوع کي چيو هو.