15 هن کين چيو تہ ”ڇو اوهان سڀني عورتن کي جيئرو ڇڏيو آهي.
15 ۽ موسيٰ انهن کي چيو، تہ ڇا اوهان سڀني زالن کي جيئرو ڇڏيو آهي؟
هاڻ جيڪو خداوند جي انهيءَ ڪم ۾ غفلت ڪندو سو لعنتي ٿيندو. هائو، جيڪو پنهنجيءَ تلوار کي خون وهائڻ کان روڪيندو سو لعنتي ٿيندو.
پوڙهن توڙي نوجوانن، مردن توڙي عورتن، والدين توڙي سندن ٻارن، سڀني کي ماري فنا ڪري ڇڏيو. پر جنهن ماڻهوءَ جي پيشانيءَ تي نشان هجي تنهن کي هٿ بہ نہ لائجو. اوهين شروعات هتان منهنجي هيڪل کان ئي ڪريو.“ سو هنن شروعات انهن اڳواڻن کان ئي ڪئي جيڪي اتي هيڪل ۾ بيٺا هئا.
موسيٰ لشڪر جي سالارن يعني هزارن ۽ سون جي سالارن تي، جيڪي جنگ تان موٽيا هئا، غصي ٿيو.
انهيءَ وقت ئي اسان هن جا سڀ شهر هٿ ڪيا ۽ هر ڪنهن آباد شهر کي مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت بلڪل برباد ڪري ڇڏيو. اسان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيو.
پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اهو اوهان جي قبضي ۾ ڏئي، تڏهن اوهين اتي جي سڀني مردن کي تلوار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏجو.
پر عورتون، ٻار، ڍور ڍڳا ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر جو لُٽ وارو مال هجي، سو اوهين پنهنجي لاءِ رکجو. اوهان جي دشمنن جي لُٽ جو مال جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏئي، سو اوهين ڀلي پنهنجي ڪتب آڻجو.
سو يشوع سڄو علائقو قبضي ۾ ڪري ورتو، يعني هن جابلو علائقي، ڏاکڻي علائقي، هيٺاهين علائقي ۽ لاهين واري علائقي جي سڀني بادشاهن کي شڪست ڏني. هن ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيو بلڪ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو هو.
انهن شهرن جو چوپايومال ۽ ٻيو لٽ جو مال بني اسرائيل پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيو. پر سڀني ماڻهن کي هنن تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائون.
هنن شهر اندر سڀني مردن، عورتن، جوانن ۽ پوڙهن کي تلوار جي ڌار سان فنا ڪري ڇڏيو، ايتري تائين جو ڳائومال، رڍون ۽ گڏهہ بہ ماريائون.
جيستائين عئي شهر جو هر شخص ماريو نہ ويو تيستائين يشوع پنهنجو نيزو عئي شهر ڏانهن ڊگھيري رکيو. تنهن ڏينهن عئي شهر جا سڀ رهاڪو، يعني ٻارهن هزار مرد ۽ عورتون ماريا ويا.
سو هاڻي تون وڃي عماليقين تي حملو ڪري کين ماري ڇڏ ۽ جيڪي بہ وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر ۽ اصل نہ ڇڏين. سندن مردن، عورتن، ٻارن ۽ کير پياڪن سان گڏ سندن سڀني ڍورن ڍڳن کي قتل ڪري ڇڏ.‘“