Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 31:14 - Muslim Sindhi Bible

14 موسيٰ لشڪر جي سالارن يعني هزارن ۽ سون جي سالارن تي، جيڪي جنگ تان موٽيا هئا، غصي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ موسيٰ لشڪرن جي عملدارن تي، يعني جيڪي هزارن جا سردار ۽ سون جا سردار هئا، ۽ جنگ تان آيا هئا تن تي ڪاوڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 31:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود پنهنجي انهن ماڻهن مان جوان ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو. پوءِ هن انهن جا هزار هزار جا ٽولا ۽ انهن ۾ وري سؤ سؤ جون ٽوليون ٺاهي مٿن مختلف سالار مقرر ڪيا.


پوءِ انهي نبيءَ چيس تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تو هڪ واجب‌القتل ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري هن جي جان جي عيوض تنهنجي جان ورتي ويندي ۽ تنهنجي فوج کي هن جي فوج جي عيوض تباهہ ڪندس.‘“


تنهن تي خدا جو بندو مٿس ڪاوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”تو کي اهي پنج يا ڇهہ ڀيرا زمين تي هڻڻ گھربا هئا، پوءِ تون ارامين کي پوريءَ طرح تباهہ ڪري ڇڏين ها. پر هاڻي تون ارامين کي رڳو ٽي ڀيرا شڪست ڏيندين.“


موسيٰ جڏهن خيمي‌گاهہ جي ويجھو آيو، تڏهن هن اهو گابو ۽ ماڻهن جو ناچ ڏٺو. تنهن تي کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن ٻئي تختيون پنهنجي هٿن مان اڇلائي جبل جي تري وٽ ڀڃي ڇڏيون.


هارون وراڻيو تہ ”اي آقا! مون تي ڪاوڙ نہ ڪريو. اوهين هنن ماڻهن کان واقف آهيو، هنن جو لاڙو هميشہ بڇڙائيءَ ڏانهن آهي.


پوءِ جڏهن موسيٰ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري ٻڪر جي پڇا‌ڳاڇا ڪئي تہ کيس معلوم ٿيو تہ اهو سڙي چڪو آهي، تڏهن هو هارون جي باقي بچيل پٽن اليعزر ۽ اتمر تي ڏاڍو ڪاوڙيو. کين سختيءَ سان چيائين تہ


ڇو تہ دنيا جي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ موسيٰ سندس تابعدار هو.


تڏهن موسيٰ، اليعزر ڪاهن ۽ سمورا اڳواڻ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هنن جو استقبال ڪرڻ لاءِ نڪري آيا.


هن کين چيو تہ ”ڇو اوهان سڀني عورتن کي جيئرو ڇڏيو آهي.


پوءِ لشڪر جا هزارن ۽ سون جا سالار موسيٰ وٽ آيا.


جيڪڏهن اوهان کي ڪاوڙ اچي وڃي تہ گناهہ نہ ڪجو، بلڪ سج لهڻ کان اڳ اوهان جي ڪاوڙ بہ ختم ٿي وڃي.


انهن مان ڪن کي هو پنهنجي لاءِ هزار هزار ماڻهن جو سالار ۽ ڪن کي پنجاهہ پنجاهہ ماڻهن جو سالار مقرر ڪندو. ڪن کي هو هر هلائڻ، فصل لڻڻ، جنگ جي هٿيارن جوڙڻ ۽ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏين جي اوزارن ٺاهڻ لاءِ مقرر ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ