Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 31:11 - Muslim Sindhi Bible

11 هو لُٽ جو سمورو مال، سڀ قيدي ۽ جانور ساڻ ڪري

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ انهن لٽ جو سمورو مال، ۽ سڀ قيدي، انسان توڙي حيوان پاڻ سان کنيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 31:11
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو انهن جا سڀ ٻار ٻچا ۽ زالون پڪڙي انهن جي سموري دولت ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ گھرن ۾ هئن سو ڦري لُٽي کڻي ويا.


هنن مديانين جا سڀ رهڻ وارا شهر ۽ خيمي‌گاهہ بہ ساڙي ڇڏيا.


يريحو شهر جي سامهون اردن درياءَ جي ڪناري موآب جي ميدان ۾ موسيٰ، اليعزر ڪاهن ۽ سڄيءَ قوم وٽ وٺي آيا.


پر عورتون، ٻار، ڍور ڍڳا ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر جو لُٽ وارو مال هجي، سو اوهين پنهنجي لاءِ رکجو. اوهان جي دشمنن جي لُٽ جو مال جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏئي، سو اوهين ڀلي پنهنجي ڪتب آڻجو.


انهن شهرن جو چوپايومال ۽ ٻيو لٽ جو مال بني اسرائيل پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيو. پر سڀني ماڻهن کي هنن تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائون.


سموري چاندي، سون ۽ اُهي ٿانوَ جيڪي پتل ۽ لوهہ منجھان ٺهيل آهن سي خداوند لاءِ مخصوص آهن. اهي خداوند جي خزاني ۾ جمع ڪيا ويندا.“


تون عئي شهر ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان بہ ائين ئي ڪجانءِ جيئن يريحو شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ، پر هن دفعي اوهين انهي جي لٽ جو مال ۽ چوپايو مال ڀلي پنهنجي لاءِ رکجو. شهر تي قبضي جي لاءِ اوهين انهيءَ جي پٺيان لڪي تيار ٿي ويهجو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ