انهيءَ کان اڳ مصر جي بادشاهہ فرعون جزر تي ڪاهہ ڪري قبضو ڪيو هو. هن انهيءَ کي باهہ ڏيئي ساڙائي اتان جي رهاڪن کي قتل ڪرائي ڇڏيو هو ۽ بعد ۾ اهو شهر پنهنجي ڌيءَ سليمان جي زال کي ڏاج ۾ ڏيئي ڇڏيو هئائين.
اوهان جا شهر ساڙيا ويا آهن، بلڪ اوهان جي ملڪ کي ويران ڪيو ويو آهي. اوهان جي هوندي ڌارين ماڻهن اوهان جي ملڪ کي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. بلڪ اوهان جي ملڪ کي انهن اجاڙي ويران ڪري ڇڏيو آهي.
پوءِ هنن انهيءَ شهر کي ۽ جيڪي منجھس هو تنهن سميت باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو. فقط چاندي، سون ۽ اهي ٿانوَ جيڪي پتل ۽ لوهہ منجھان ٺهيل هئا سي خداوند جي گھر جي خزاني ۾ جمع ڪيائون.