Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 30:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پر جيڪڏهن سندس مڙس اهو ٻڌي کيس منع ڪري، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض جيڪو سندس زبان مان نڪتو سو پورو نہ ڪري، ڇو تہ مڙسس انهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي انهي ڏينهن اهي رد باطل ڪري ڇڏي؛ تہ پوءِ هن جي مڃتائن يا خاص فرض بابت جيڪي سندس واتان نڪتو هوندو، سو قائم نہ رهندو: ڇو تہ سندس مڙس اهي رد ڪري ڇڏيا آهن؛ ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 30:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.


انهن ۾ موجود عورتن وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اسان آسمان جي انهيءَ راڻي ديويءَ لاءِ قربانيون پيش ڪنديون هيونسين ۽ انهيءَ لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينديون هيونسين، تڏهن اسان جا مرد بہ انهيءَ ۾ راضي هئا تہ اسين ان جي لاءِ سندس شڪل واريون لوليون پچايون ۽ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون.“


تنهن بعد ڪاهن سڄيءَ قوم جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري تہ پوءِ کين معافي ملندي، ڇاڪاڻ تہ اها خطا بناارادي آهي. سو هنن کي پنهنجي خطا جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪرڻي آهي.


ڪاهن ان شخص لاءِ ڪفارو ادا ڪري جنهن بناارادي خطا ڪئي هجي، ان کان پوءِ کيس معافي ملندي.


۽ سندس مڙس اهو ٻڌي کيس منع نہ ڪري ۽ نڪي کيس ڪجھہ چوي، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض پورو ڪري.


هن جي مڙس کي اهو حق حاصل آهي تہ چاهي تہ پنهنجي زال جي باسيل باس يا روح جي رياضت جي خاص فرض کي بحال رکي، چاهي تہ رد ڪري ڇڏي.


پر جيڪڏهن سندس پيءُ جنهن ڏينهن اهو ٻڌي کيس منع ڪري، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض پورو نہ ڪري. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو ڇو تہ سندس پيءُ کيس موڪل نہ ڏني.


پر جيڪڏهن سندس مڙس اهو ٻڌي ۽ انهيءَ کي رد ڪري، تہ پوءِ هوءَ تڪڙ ۾ باسيل پنهنجي باس يا خاص فرض پورو نہ ڪري. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو.


هاڻ آءٌ اوهان کي هڪڙي ٻي ڳالهہ سمجھائڻ گھران ٿو تہ هر مرد جو مٿو مسيح آهي، عورت جو مٿو مرد آهي ۽ مسيح جو مٿو خدا آهي.


سندس مڙس القانہ چيس تہ ”ٺيڪ آهي. جيئن تون مناسب سمجھين تيئن ڪر. ڀلي ٻار جي ٿڃ ڇڏائڻ تائين تون گھر ۾ ترس. شل خداوند پنهنجو سخن پورو ڪري.“ سو حنہ گھر ۾ ترسي پيئي ۽ ٿڃ ڇڏائڻ تائين ٻار جي پالنا ڪندي رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ