Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 3:45 - Muslim Sindhi Bible

45 ”هاڻ تون بني اسرائيل جي سڀني پهريتن پٽن جي عيوض لاوين کي منهنجي لاءِ وقف ڪر ۽ بني اسرائيل جي چوپائي مال جي پهريتن ڦرن جي عيوض لاوين جي چوپائي مال کي منهنجي لاءِ وقف ڪر. لاوي مون خداوند جا ٿيندا. آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

45 تون بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي بدران لاوين کي وٺ، ۽ انهن جي چوپائي مال جي بدران، لاوين جو چوپايو مال وٺ، ۽ لاوي منهنجا ٿيندا: آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 3:45
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين گڏهہ جي پهرئين ٻچي جي عيوض ۾ هڪڙو گھيٽو يا ڇيلو ڏجو. جيڪڏهن اوهان انهيءَ جو عيوض ڏيڻ نہ چاهيو تہ پوءِ انهيءَ جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏجو. پر اوهين پنهنجن سڀني پهريتن پٽن جو عيوض ضرور ڏجو. ڪوبہ مون وٽ خالي هٿين نہ اچي.


پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون اهو حڪم اوهان کي انهيءَ لاءِ ڏنو هو تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان ڏيو تہ جيئن منهنجو عهد اوهان لاويءَ جي گھراڻي وارن سان قائم رهي.


مون اوهان جي مائٽن يعني بني لاويءَ کي بني اسرائيل مان بخشش طور اوهان جي لاءِ چونڊي کنيو آهي. اهي مون خداوند جي لاءِ وقف آهن، تہ جيئن مقدس خيمي ۾ خدمت ڪن.


”جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار ماريا، تنهن ڏينهن بني اسرائيل ۾ ماڻهن جا توڙي جانورن جا سڀ پهريتا مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا. تنهنڪري سڀ پهريتا ٻار منهنجا آهن، جن مان مون بني اسرائيل جي هر عورت جي پهريتي نر ٻار جي عيوض لاوين کي قبول ڪيو آهي. تنهنڪري لاوي هاڻ منهنجا آهن. آءٌ خداوند آهيان.“


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


مون انهن کي بني اسرائيل جي سڀني پهريتن پٽن جي بدلي پنهنجي واسطي چونڊيو آهي، سو اهي سڀيئي رڳو منهنجا ئي آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ