40 موسيٰ بني اسرائيل کي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌايون، جيئن خداوند کيس فرمايو هو.
40 ۽ موسيٰ بني اسرائيل کي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌايون، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس فرمايو هو.
اوهين مون خداوند جي حضور ۾ پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي پنهنجين باسيل توڙي خوشيءَ جي قربانين کان علاوہ اهي ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون، اوتڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪندا رهجو.“
موسيٰ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن کي خداوند جي حڪم بابت ٻڌائيندي چيو تہ
۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“
ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت خدا جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم.
جيڪا خوشخبري مون کي ملي، تنهن کي سڀ کان اهم سمجھي اوهان تائين پهچايم. اها هيءَ آهي تہ مسيح پاڪ ڪلام مطابق اسان جي گناهن جي واسطي پنهنجي جان ڏني.
ڏسو، مون اُهي قاعدا قانون جن جو خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو آهي، سي اوهان کي سيکاري ڇڏيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ وڃو تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.
هو هن ڪم لاءِ مقرر ڪرڻ واري خدا سان ائين وفادار رهيو، جهڙي نموني موسيٰ خدا جي سڄي گھراڻي ۾ پنهنجي ڪم سان وفادار رهيو.
هاڻي ڏسو، موسيٰ خادم جي حيثيت ۾ خدا جي سڄي گھراڻي سان وفادار رهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ڳالهيون خدا کي اڳتي ظاهر ڪرڻيون هيون، تن جي شاهدي ڏئي.