Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 29:39 - Muslim Sindhi Bible

39 اوهين مون خداوند جي حضور ۾ پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي پنهنجين باسيل توڙي خوشيءَ جي قربانين کان علاوہ اهي ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون، اوتڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪندا رهجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 اهي اوهين خداوند جي حضور ۾ پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي پيش ڪجو، انهيءَ کان سواءِ اوهان جون مڃتائون، ۽ اوهان جون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جون کاڌي جون قربانيون، ۽ اوهان جون پيئڻ واريون قربانيون، ۽ اوهان جون سلامتيءَ جون قربانيون بہ پيش ڪندا رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 29:39
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سبت، نئين چنڊ جي عيد ۽ ٻين مقرر ڪيل عيدن تي قربانيون پيش ڪرڻ وقت پڻ خداوند جو شڪر ۽ تعريف ڪرڻ. انهن لاءِ قاعدا مقرر ڪيا ويا تہ خداوند جي حضور ۾ انهن ذميوارين پوري ڪرڻ لاءِ هر مقرر ڪيل وقت تي ڪيتري تعداد ۾ هجن. لاوين کي هميشہ لاءِ خداوند جي عبادت جي اها ذميواري سونپي ويئي.


قوري ولد يمنہ لاوي جيڪو هيڪل جي اوڀر واري دروازي جو دربان هو سو خدا لاءِ آندل خوشيءَ جي نذرانن جو نگران بہ مقرر هو. قوري اهي نذرانا ڪاهنن ۽ لاوين ۾ سندن حصي مطابق ورهائيندو هو.


بادشاهہ پنهنجي چوپائي مال مان ساڙڻ وارين قربانين لاءِ جانور ڏيندو هو. اهي جانور خداوند جي شريعت مطابق صبح ۽ شام وارين قربانين لاءِ، سبت تي قربانين لاءِ، نئين چنڊ جي قربانين لاءِ، ۽ مقرر عيدن تي قربانين لاءِ پيش ڪرڻا هئا.


هنن شرعي دستور موجب تنبن واري عيد ملهائي ۽ هر روز جون باهہ سان ساڙيون ويندڙ مقرر ڪيل قربانيون حڪم موجب پيش ڪيون.


انهن کان علاوہ هنن روزانو جون ساڙڻ واريون قربانيون ۽ نئين چنڊ جون ساڙيون ويندڙ قربانيون پيش ڪيون ۽ اهي قربانيون بہ پيش ڪيون جيڪي خداوند جي سڀني مقرر ٿيل پاڪ ڏينهن تي ڪبيون هيون ۽ اهي پڻ پيش ڪيائون جيڪي پنهنجي رضا خوشيءَ سان آنديون هئائون.


نذراني وارن روٽن لاءِ، روزانو اناج جي قربانيءَ لاءِ، روزانو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، سبت وارن ڏينهن تي قربانين لاءِ، نئين چنڊ وارين عيدن تي قربانين لاءِ، مقرر عيدن تي قربانين لاءِ، بني اسرائيل جي ڪفاري واري قربانيءَ لاءِ، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻي ڪنهن بہ مخصوص قربانيءَ لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي هيڪل جي هر قسم جي ڪم لاءِ.


اوهان جي نئين چنڊ وارين گڏجاڻين، توڙي مقرر ڪيل عيدن کان منهنجي دل کي ڪراهت ٿي اچي. اهي مون لاءِ ايڏو تہ بار آهن جو آءٌ انهن کان بيزار ٿي پيو آهيان. هاڻي آءٌ اهو برداشت ڪري نہ ٿو سگھان.


بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”مون خداوند جا مقرر ڪيل وڏا ڏينهن، جن تي اوهين عبادت لاءِ گڏ ٿيندا، سي هي آهن.“


انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪفاري جو ڏينهن آهي، جنهن تي مون خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ اوهان جي لاءِ ڪفارو ادا ڪيو ويندو.


هي قربانيون هفتيوار سبت وارين قربانين ۽ اوهان جي نذرانن، اوهان جي باسيل قربانين ۽ اوهان جي خوشيءَ جي قربانين کان علاوہ آهن.


”جڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪري تہ انهيءَ جو قاعدو هن ريت آهي.


هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون، ۽ اناج جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ آءٌ اُهي بہ قبول نہ ڪندس. نڪي آءٌ اوهان جي ٿلهن متارن جانورن جي سلامتيءَ واري قربانيءَ تي ئي ڪو ڌيان ڏيندس.


”منهنجو نذرانو يعني منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جيڪا ساڙبي آهي سا اوهين ياد ڪري مقرر وقت تي قوم جي طرفان منهنجي لاءِ ادا ڪندا رهجو.


هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.


موسيٰ بني اسرائيل کي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌايون، جيئن خداوند کيس فرمايو هو.


ناذير ۽ سندس قربانين جي باري ۾ اهو ئي قانون آهي، جنهن تي وقف ٿيڻ جي عرصي پوري ٿيڻ تي عمل ڪرڻو آهي. انهن قربانين کان سواءِ هو اهي قربانيون بہ ضرور پيش ڪري، جن جو هن ناذير جي باس باسڻ وقت ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.‘“


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي واکاڻ خاطر ڪريو.


اُتي اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا ۽ پنهنجا ڏهان حصا، پنهنجيون باسون ۽ پنهنجيون خوشيءَ جون قربانيون ۽ پنهنجن ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ٻچا پيش ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ