Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 29:17 - Muslim Sindhi Bible

17 ٻئي ڏينهن تي اوهين ٻارهن وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بي‌عيب هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 وري ٻئي ڏينهن اوهين ٻارهن وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 29:17
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون قرباني يا نذرانو ڪونہ ٿو چاهين، نڪي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا ساڙڻ واري قرباني ئي تو گھري آهي. بلڪ تو منهنجا ڪن کولي ڇڏيا آهن، تان‌تہ تنهنجي ٻڌي آءٌ فرمانبرداري ڪريان.


بيشڪ ڍورن ڍڳن جي قربانيءَ کان وڌيڪ سندس تعريف ڪرڻ بهتر آهي. هائو، جانورن جي قربانين کان وڌيڪ خداوند کي اهو ئي پسند آهي.


انهيءَ لاءِ رڍن مان گھيٽو چونڊيو وڃي يا ٻڪرين مان ڇيلو، پر اهو هڪ سال جو، نر ۽ بي‌عيب هئڻ گھرجي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهان جون هيتريون ساريون قربانيون منهنجي ڪنهن ڪم جون نہ آهن. هائو، آءٌ گھٽن جي ساڙڻ وارين قربانين کان، توڙي پليل ڍورن ڍڳن جي سڻڀي مال کان بيزار آهيان. مون کي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي رت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.


آءٌ رسمي قربانيون نہ ٿو چاهيان، بلڪ اوهين مون سان دلي طرح وفادار هجو. هائو، مون کي رسمي ساڙڻ واريون قربانيون پسند نہ آهن، بلڪ مون کي سچيءَ دل سان سڃاڻو.


ست ئي ڏينهن اوهين مون خداوند جي حضور ۾ ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪندا رهجو. اٺين ڏينهن اوهين وري عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ مون خداوند جي حضور ۾ ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪجو. جيئن تہ اهو عبادت لاءِ گڏ ٿيڻ جو ڏينهن آهي سو اوهين ان ڏينهن ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.


پهرئين ڏينهن تي اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ تيرهن وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بي‌عيب هجن.


تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي بدن کي اهڙي قربانيءَ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند هجي. اها ئي حقيقي عبادت آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي.


خدا هن عهد کي نئون چئي پهرئين عهد کي پراڻو قرار ڏنو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آهي، سا مِٽجڻ کي ويجھو هوندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ