Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 28:30 - Muslim Sindhi Bible

30 اوهين پنهنجي ڪفاري لاءِ هڪڙو ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پڻ پيش ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 هڪڙو ٻڪر اوهان جي ڪفاري لاءِ هئڻ گهرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 28:30
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هنن يوسف جو ڪڙتو کنيو ۽ هڪڙو ٻڪر ڪهي سندس رت ۾ اهو ڪڙتو ٻوڙيائون.


اوهين پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر ۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ ٻہ هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو.


تہ پوءِ جيڪڏهن بي‌خبريءَ ۾ انهن کان بناارادي اها خطا ٿي هجي تڏهن سڄي قوم مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي، هڪڙو وهڙو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، قانون مطابق اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ سميت آڻي پيش ڪري. انهيءَ کان سواءِ کين هڪ ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪرڻو آهي.


دستوري ساڙڻ واري قرباني ۽ انهيءَ سان گڏ اوتڻ واري قربانيءَ کان سواءِ، هڪڙو ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو وڃي.“


اوهين پنهنجي ڪفاري لاءِ هڪڙو ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پڻ پيش ڪجو.


۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي.


دستوري ساڙڻ واري قرباني ۽ ان سان گڏ اناج جي قربانيءَ کان سواءِ اوهين اهي سڀ قربانيون پنهنجي اوتڻ وارين قربانين سان گڏ پيش ڪجو.“


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي شريعت تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو صليب تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين گناهن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيئرا رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن گناهن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي خدا تائين پهچائي. هو هن گنهگار دنيا جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر روحاني طور وري جيئرو ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ