Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 28:26 - Muslim Sindhi Bible

26 ”لاباري جي عيد جي دوران پهرين پيداوار جي ڏينهن تي جڏهن اوهين مون خداوند جي حضور ۾ نئين فصل جي قرباني پيش ڪريو، تڏهن اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 انهي کان سواءِ لاباري واري ڏينهن، جڏهن اوهين پنهنجيءَ هفتن واريءَ عيد تي خداوند جي حضور ۾ نئين کاڌي جي قرباني پيش ڪريو، تڏهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو؛ ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 28:26
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پهرئين ڏينهن تي ۽ وري ستين ڏينهن تي عبادت لاءِ اوهان جي گڏجاڻي ٿيندي. انهن ٻنهي ڏينهن تي کاڌي تيار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪيو وڃي.


لاباري جي عيد، يعني جيڪي اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيو تنهن جي پهرين پيداوار جي عيد ملهايو. سال جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪريو، تڏهن تنبن واري عيد ملهايو.


اوهين ڪڻڪ جي پهرئين لاباري وقت لاباري جي عيد ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾ تنبن واري عيد ملهائجو.


بني اسرائيل لاءِ هي حڪم فرمايو تہ ”جيڪا زمين آءٌ خداوند اوهان کي ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ جو فصل لڻو، تڏهن اوهين هر سال پنهنجي فصل جو پهريون اناج جو گڏو ڪاهن وٽ آڻجو.


ست ئي ڏينهن اوهين مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪندا رهجو ۽ ستين ڏينهن وري عبادت لاءِ گڏ ٿجو. انهيءَ ڏينهن بہ اوهين محنت مزدوريءَ جو ڪوبہ ڪم نہ ڪجو.“


تقريب جي پهرئين ڏينهن تي مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.


اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو جنهن ۾ ٻہ وهڙا، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بي‌عيب هجن.


”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. اهو اوهان جي لاءِ نفيلن وڄائڻ جو ڏينهن آهي.


پر حقيقت اها آهي تہ مسيح مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي، جيڪو سڀني مري ويلن مان پهريون ڦل آهي.


هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي پيغام وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس مخلوقات ۾ پهريون ڦل بڻجون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ