Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 26:62 - Muslim Sindhi Bible

62 سڀ لاوي مرد جن جي عمر هڪ مهينو يا انهيءَ کان مٿي هئي، تن جو تعداد ٽيويهہ هزار هو. انهن جو شمار بني اسرائيل سان گڏ نہ ڪيو ويو، ڇاڪاڻ تہ انهن کي ورثو ڪونہ مليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

62 باقي انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪ مهينو يا انهي کان مٿي هئي، تن جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي ٽيويهہ هزار ٿيا: انهن جو شمار بني اسرائيل سان گڏ نہ ڪيو ويو، ڇالاءِ جو انهن کي ورثو ڪونہ ملڻو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 26:62
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر لاويءَ جي نسل وارن کي ٻين قبيلن سان گڏ شمار نہ ڪيو ويو،


”جڏهن تون بني اسرائيل مان جنگ تي وڃڻ جهڙن جا نالا شمار ڪرين تہ لاوين کي انهن سان درج نہ ڪجانءِ.


هي اهي نسل آهن جن جو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون اردن درياءَ جي ڪناري تي شمار ڪيو.


هڪڙو مهينو ۽ انهيءَ کان مٿي عمر وارا لاوي جن جو خداوند جي حڪم موجب موسيٰ ۽ هارون سندن نسلن مطابق شمار ڪيو هو، تن جو ڪل تعداد ٻاويهہ هزار هو.


هو پنهنجي سموري خدمت، سامان کڻڻ جي يا ڪا ٻي، هارون ۽ سندس پٽن جي نگرانيءَ هيٺ ڪندا. جيڪو بار کين کڻڻو هجي سو اوهين هنن جي ذمي مقرر ڪجو.


انهيءَ ڪري لاوين کي سندن بني اسرائيل قوم وارن سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ مليو، ڇو تہ خداوند کي ڏنل نذرانن مان ڪجھہ حصو سندن ورثو آهي، جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا کين فرمايو.


پر لاوي قبيلي وارن کي موسيٰ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو هو، ڇاڪاڻ تہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانيون ئي انهن جو ورثو هيون، جيئن هن ساڻن واعدو ڪيو هو.


پر لاوي قبيلي کي موسيٰ ڪابہ زمين ورثي طور نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا ئي انهن جو ورثو آهي، جيئن ساڻن واعدو ڪيو هئائين.


موسيٰ باقي اڍائي قبيلن کي اڳ ۾ ئي اردن درياءَ جي اوڀر طرف سندن ورثو ڏيئي ڇڏيو هو، جن ۾ منسيءَ جو اڌ قبيلو بہ هو. يوسف جو اولاد ٻن قبيلن ۾ ورهائجي ويو هو، هڪ منسي ۽ ٻيو افرائيم. موسيٰ لاوين کي انهيءَ ملڪ ۾ ٻين قبيلن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو، سواءِ سندن رهڻ لاءِ شهرن جي ۽ انهن پسگرداين جي جتي سندن رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جي لاءِ چارو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ