تو هنن جو اولاد ايترو تہ وڌايو جيترا آسمان ۾ تارا. تو کين انهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي باري ۾ تو سندن ابن ڏاڏن کي چيو هو تہ ’انهيءَ ملڪ ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو.‘
ويهن سالن ۽ انهيءَ کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن جو شمار ڪيو ويو، جن جو تعداد ڇهہ لک، ٽي هزار، پنج سؤ پنجاهہ هو. انهيءَ حساب سان عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق هر هڪ ماڻهوءَ ڇهہ گرام چانديءَ جا ڏنا هئا.
اهي آهن بني اسرائيل، جن جو سندن ڪٽنبن موجب شمار ڪيو ويو. سمورا لشڪر جيڪي خيميگاهن ۾ هئا تن جو تعداد سندن دستن موجب ڇهہ لک، ٽي هزار پنج سو پنجاهہ مرد هو.