Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 25:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان کي پنهنجين ٺڳين سان پعور واريءَ ڳالهہ ۽ سندن ڀيڻ ڪزبيءَ واري ڳالهہ ۾ ستايو، جيڪا پعور جي سببان آيل وبا جي وقت ۾ ماري ويئي هئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو هو اوهان کي پنهنجين ٺڳين سان ستائين ٿا، جيئن فغور واريءَ ڳالهہ ۾، ۽ ڪزبيءَ واريءَ ڳالهہ ۾ ٿيو، جا مديانين جي سردار جي ڌيءَ، ۽ سندن ڀيڻ هئي، ۽ طاعون واري ڏينهن قتل ڪئي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 25:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابيملڪ چيو تہ ”تو اسان سان هي ڇا ڪيو؟ ائين تہ آسانيءَ سان هنن ماڻهن مان ڪوبہ تنهنجيءَ زال سان صحبت ڪري سگھي ها ۽ پوءِ تون اسان کي ڏوهاري بڻائي ڇڏين ها.“


خداوند خدا عورت کان پڇيو تہ ”تو ائين ڇو ڪيو؟“ عورت وراڻيو تہ ”نانگ مون کي برغلايو ۽ مون کاڌو.“


هو مديان مان روانا ٿيا ۽ فاران ۾ آيا. اتان ماڻهو پاڻ سان کڻي مصر ۾ اُتي جي بادشاهہ فرعون وٽ آيا، جنهن هدد کي هڪڙو گھر ۽ ڪجھہ ٻني ڏني ۽ کيس کاڌو بہ مهيا ڪري ڏنو.


موسيٰ هارون کي چيو تہ ”هنن ماڻهن تو سان ڇا ڪيو هو جو تو هنن کي اهڙي وڏي گناهہ ۾ ڦاسائي ڇڏيو؟“


سو خداوند ماڻهن تي انهيءَ سوني گابي ٺاهڻ واري گناهہ جي ڪري آفت آندي، جيڪو هنن هارون کان ٺهرايو هو.


جيڪا مدياني عورت ماري ويئي تنهن جو نالو ڪزبي هو. هوءَ صور جي ڌيءَ هئي جيڪو مديان جي قبيلن جو رئيس هو.


”اوهين مديانين کي ستايو ۽ کين ماريو،


وبا کان پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر کي فرمايو تہ


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جا خيال بہ انهيءَ سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح جي لائق آهن.


ڇاڪاڻ تہ اهي لٻاڙون هڻندي نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري، شهوت‌پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جن گمراهيءَ واري زندگيءَ مان هاڻي آزادي حاصل ڪئي آهي.


پر مون کي اوهان کان ڪجھہ شڪايتون آهن تہ اوهان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي بلعام جي تعليم تي عمل ڪن ٿا، جنهن بلق بادشاهہ کي سيکاريو ٿي تہ بني اسرائيل کي ڪيئن گمراهہ ڪري جو اهي بتن تي قربان ڪيل کاڌو کائين ۽ زنا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ