Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 25:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اهو عهد هن سان ۽ هن کان پوءِ سندس اولاد سان هميشہ جي ڪهانت جو عهد آهي، ڇاڪاڻ تہ هن مون پنهنجي خدا جي خاطر غيرت ڪئي ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪيائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ اهو هن جي لاءِ، ۽ هن کان پوءِ سندس اولاد جي لاءِ، هميشہ جي ڪهانت جو عهد ٿيندو؛ ڇالاءِ جو هو پنهنجي خدا جي لاءِ غيرت وارو ٿيو، ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 25:13
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو دائود جِبعونين کي چيو تہ ”آءٌ اوهان جي لاءِ ڇا ڪريان؟ ڪهڙيءَ طرح انهيءَ گناهہ جي تلافي ڪريان، تہ جيئن اوهين خداوند جي قوم لاءِ دعا گھرو؟“


الياس ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ تو خداوند، قادرِمطلق خدا لاءِ تمام سرگرم رهيو آهيان، جڏهن تہ اسرائيل وارن تنهنجي عهد کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنجيون قربان‌گاهون ڀڃي ڇڏيون اٿن ۽ تنهنجي نبين کي تلوار سان ماري ڇڏيو اٿائون. انهن نبين مان رڳو آءٌ ئي وڃي بچيو آهيان ۽ هاڻ هو مون کي بہ مارڻ پٺيان آهن.“


الياس وراڻيو تہ ”آءٌ تو خداوند، قادرِمطلق خدا لاءِ تمام سرگرم رهيو آهيان، جڏهن تہ اسرائيل وارن تنهنجي عهد کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنجيون قربان‌گاهون ڀڃي ڇڏيون اٿن ۽ تنهنجي نبين کي تلوار سان ماري ڇڏيو اٿائون. انهن نبين مان رڳو آءٌ ئي وڃي بچيو آهيان ۽ هاڻ هو مون کي بہ مارڻ پٺيان آهن.“


اهڙيءَ طرح سليمان ابي‌ياتر کي خداوند جي ڪهانت واري عهدي تان لاهي ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان هن خداوند جي اڳ ۾ فرمايل ڳالهہ پوري ڪئي جيڪا خداوند سيلا شهر ۾ عيليءَ جي گھراڻي بابت ڪئي هئي.


اي منهنجا خدا! اها ڳالهہ ياد ڪر تہ انهن ڪيئن نہ ڪهانت جي توڙي انهيءَ عهد جي بي‌حرمتي ڪئي آهي، جيڪو عهد تو ڪاهنن ۽ لاوين سان ٻڌو هو.


اهو ڪم فينحاس لاءِ پيڙهي بہ پيڙهي، هائو، هميشہ تائين سندس سچائي ڪري ليکيو ويو.


منهنجي دشمنن تنهنجي فرمان کي پٺي ڏيئي ڇڏي آهي، تنهنڪري منهنجي غيرت مون ۾ جوش ٿي کائي.


منهنجي اندر ۾ تنهنجي گھر لاءِ ايتري تہ غيرت آهي، جو جيڪي طعنا تو کي ٿا هنيا وڃن سي مون تي ٿا اچيو پون.


تون هارون ۽ سندس پٽن کي چيلهہ سان پٽا ٻڌج ۽ ٽوپيون پارائج. اهڙيءَ طرح تون هارون ۽ سندس پٽن کي مخصوص ڪري ڇڏج، تہ جيئن کين ڪهانت جو هميشہ جي لاءِ حق حاصل ٿئي.


ٻئي ڏينهن تي موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”اوهان تمام وڏو گناهہ ڪيو آهي. سو هاڻي آءٌ خداوند وٽ مٿي چڙهي ٿو وڃان، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ اوهان جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪريان.“


تون انهن کي بہ سندن پيءُ وانگر مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ جيئن هو ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪن. سندن اهو مسح ٿيڻ هنن جي پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ ڪاهنيءَ جي نشاني ٿيندي.“


جڏهن تہ اوهين پاڻ خداوند جا ڪاهن سڏبا. ماڻهو اوهان کي ”اي خدا جا خادمؤ!“ چئي مخاطب ٿيندا. اوهين قومن جي دولت مان مزو ماڻيندا، ۽ سندن شان وَ شوڪت جا مختيار بڻجي فخر ڪندا.


نہ ئي وري لاوي قبيلي ۾ ڪاهنن جي ڪا کوٽ ٿيندي جيڪي هميشہ منهنجي اڳيان ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ ٻيا نذرانا پيش ڪن.“


سو جيئن آسمان جا ستارا شمار ڪري نہ ٿا سگھجن، ۽ نہ ئي سمنڊ جي ڪناري جي واري ماپي ٿي سگھجي، تيئن آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي ۽ پنهنجي خدمتگار لاوين کي وڌائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڪاهن انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ پيش ڪري. اهڙيءَ طرح هو انهيءَ ماڻهوءَ خاطر سندس جريان جي بيماريءَ لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر اي ڪاهنؤ! اوهين هاڻ صحيح راهہ کان هٽي ويا آهيو. اوهان جي تعليم سان ماڻهو گمراهہ ٿي ويا آهن. اوهان انهيءَ عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، جيڪو مون اوهان جي لاوي گھراڻي سان ڪيو هو.


پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ ”تون پنهنجو لوبان‌دان کڻ، قربان‌گاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهيءَ تي رک ۽ انهيءَ تي لوبان وجھہ. تون اهو کڻي جلدي قوم ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪر، ڇو تہ خداوند جو غضب نازل ٿي چڪو آهي ۽ وبا شروع ٿي چڪي آهي.“


سو هارون موسيٰ جي چوڻ موجب ڊوڙي قوم ۾ ويو ۽ ڇا ڏسي تہ وبا تہ ماڻهن ۾ شروع ٿي چڪي آهي! تڏهن هن لوبان ساڙيو ۽ ماڻهن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪيائين.


تڏهن بني اسرائيل موسيٰ کي چيو تہ ”تنهن جي معنيٰ هاڻ اسان جو بلڪل خاتمو آهي.


بني اسرائيل جو اهو مرد جيڪو مدياني عورت سان گڏ ماريو ويو هو تنهن جو نالو زمري ولد سلو هو. هو شمعون قبيلي مان هڪڙي گھراڻي جو وڏو هو.


تڏهن سندس شاگردن کي پاڪ ڪلام جي اها لکت ياد آئي تہ ”اي خدا! تنهنجي گھر لاءِ منهنجي غيرت مون کي جلائيندي.“


تنهنڪري اهو لازمي هو تہ هو پاڻ بہ هر طرح پنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ هو اهڙو سردار ڪاهن ٿئي، جيڪو رحمدل ۽ وفادار هجي ۽ ماڻهن جي گناهن جو ڪفارو ادا ڪري سگھي.


بني اسرائيل قوم وارا لاويءَ واري ڪاهنيءَ جي انتظام هيٺ شريعت وارا ٿيا. سو جيڪڏهن انهيءَ ڪاهنيءَ جي وسيلي ماڻهو مڪمل طور خدا لاءِ مخصوص ٿي وڃي ها، تہ پوءِ ٻئي ڪاهن جي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جيڪو پهرئين لاوي سردار ڪاهن هارون جي نہ، پر ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ليکيو ويو آهي.


انهيءَ ڪري ئي بني اسرائيل پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ ٿا سگھن. هو انهن کي پٺي ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ کي تباهيءَ جي لائق بڻايو آهي. هاڻ جيستائين اوهين پاڻ منجھان انهن مخصوص شين کي ناس نہ ڪندا جيڪي ناس ڪرڻيون آهن، تيستائين آءٌ اوهان سان نہ هوندس.


اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


اهو ئي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قرباني آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي جهان جي گناهن جو ڪفارو پڻ.


۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جي هڪڙي بادشاهت بڻايو تہ جيئن اسين سندس پيءُ يعني خدا جي خدمت ڪري سگھون. شل انهيءَ جي عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بي‌آبرو ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ