ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جي مصر جي غلاميءَ مان نڪرڻ وقت اهي ماني ۽ پاڻي کڻي ساڻن ملڻ لاءِ نہ آيا هئا. اُٽلندو هنن بلعام کي ڀاڙي تي آندو، تہ جيئن هو انهن تي لعنت وجھي، جنهن لعنت کي بني اسرائيل جي خدا برڪت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
اوهان جا خيما پري پري تائين اهڙيءَ طرح پکڙيل آهن، جهڙيءَ طرح کجين جون قطارون، اهي ائين ئي پکڙيل آهن جيئن ندين جي ڪنارن وارا باغ، اهي خداوند جي هٿن سان پوکيل عُود جي ٻوٽن جهڙا آهن، اهي ائين آهن جيئن پاڻيءَ جي ڪناري وارا ديال جا وڻ.