28 سو بلق بلعام کي پعور جبل جي چوٽيءَ تي وٺي ويو، جتان هيٺ بيابان نظر ٿي آيو.
28 پوءِ بلق بلعام کي فعور جي چوٽيءَ تي وٺي ويو، جتان هيٺ بيابان تي نظر پئجي ٿي سگهي.
پوءِ هنن هيئن بہ ڪيو جو وڃي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪرڻ لڳا، ۽ بيجان بتن جون قربانيون کائڻ لڳا.
هو بامات مان روانا ٿيا ۽ موآب جي ميدان ۾ جيڪا ماٿري آهي تنهن ۾ پسگاہ جبل جي انهيءَ چوٽيءَ تي آيا، جتان هيٺ رڻپٽ ڏيکاربو آهي.
بلق بلعام کي چيو تہ ”اچ تہ آءٌ تو کي ٻئي هنڌ وٺي ٿو هلان. خدا جي نظر ۾ شايد اهو چڱو هجي تہ تون اتان منهنجي خاطر هنن تي لعنت ڪرين.“
اتي بلعام بلق کي چيو تہ ”هتي منهنجي لاءِ ست قربانگاهون ٺهراءِ ۽ منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گھٽا تيار رک.“
هاڻ جڏهن بلعام ڏٺو تہ خداوند جي نظر ۾ بني اسرائيل کي ئي برڪت ڏيڻ سٺو آهي، تڏهن هو اڳي وانگر فال ڪڍڻ ڪين ويو، بلڪ بيابان ڏانهن کڻي منهن ڪيائين.