Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 23:21 - Muslim Sindhi Bible

21 خداوند خدا بني يعقوب جو بادشاهہ آهي، ۽ هو ساڻن گڏ رهي ٿو. سو هو بني اسرائيل کي هر مشڪل ۽ مصيبت کان دور ٿو رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 هن يعقوب ۾ ڪا بڇڙائي ڪانہ ڏٺي آهي، نڪي اسرائيل ۾ ڪا خرابي ڏٺي اٿس: خداوند هن جو خدا، هن سان آهي، ۽ بادشاهہ جي للڪار هنن منجهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 23:21
49 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند اسان سان گڏ آهي، هو اسان جو رهبر آهي. هن جا ڪاهن جنگي توتارا وڄائي اوهان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪندا. اي اسرائيل وارؤ! خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا سان نہ وڙهو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سوڀ نہ ماڻيندا.“


جيترو اوڀر اولهہ کان پري آهي، اوترو ئي هو اسان جا گناهہ اسان کان پري ڪري ٿو.


سو سچارن جي لشڪرگاهہ مان فتح ۽ خوشيءَ جا نعرا ٿا ٻڌجن تہ ’خداوند وڏي قدرت وارو آهي!


شال صيئون جبل تي خداوند سڳورو هجي! هائو، اهو جيڪو يروشلم ۾ رهي ٿو سو شل سڳورو هجي! خداوند جي واکاڻ ڪريو.


توڙي جو کڻي آءٌ موت جي پاڇي وارين وادين مان لنگھندس، تڏهن بہ آءٌ ڪنهن کان ڪين ڊڄندس، ڇوجو تون مون سان آهين. هائو، تنهنجي لٺ ۽ لڪڻ منهنجي دلجاءِ جو سبب آهن.


اهي انسان سڀاڳا آهن، جن جي بدڪاري خداوند ليکي ۾ نہ ٿو آڻي. بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جن جي دل ۾ ڪا ئي ٺڳي ڪانهي.


تڏهن مون سوچيو تہ ”آءٌ خداوند آڏو پنهنجي سڀني گناهن جو اقرار ڪندس.“ پوءِ مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ تو کان پنهنجي ڪا بڇڙائي ڪين لڪايم. تڏهن تو منهنجي هر بڇڙائي مون کي معاف ڪري ڇڏي.


قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


اي سامونڊي علائقن وارؤ! بلڪ سڄي ڌرتيءَ وارؤ! اوهين سڀ خوشيون ملهايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند بادشاهہ آهي.


خداوند صيئون ۾ عظمت وارو آهي، هو سڀني قومن مٿان بلند وَ بالا آهي.


ڏينهن جي وقت خداوند انهن جي اڳيان ڪڪر واري ٿنڀي جي وسيلي کين رستو ڏيکاريندو هلندو هو ۽ رات جي وقت باهہ واري ٿنڀي جي وسيلي کين روشني ڏيندو اڳيان هلندو رهندو هو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ڏينهن رات پنڌ ڪري سگھن.


خدا وراڻيس تہ ”تون يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ هوندس. ان جي نشاني تہ مون ئي تو کي موڪليو آهي اها هوندي، تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن تون هن جبل تي مون خدا جي عبادت ڪندين.“


هو چوڻ لڳو تہ ”اي منهنجا رب! جيڪڏهن سچ پچ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پوءِ اي مالڪ! منهنجو عرض آهي تہ تون اسان سان گڏجي هل، ڇاڪاڻ تہ هي ماڻهو ضدي آهن. تون اسان جا گناهہ ۽ خطائون معاف ڪر ۽ اسان کي پنهنجي ميراث بڻائي قبول ڪر.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اچو تہ انهيءَ معاملي کي نبيريون، پوءِ جيتوڻيڪ اوهين گناهن جي ڪري رت جي ڳاڙهاڻ سان ڀريل هوندا، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي برف جهڙو شفاف ڪري ڇڏيندس. هائو، توڙي جو اوهين گناهن سبب رت جهڙا لال ڳاڙها هوندا، تہ بہ آءٌ اوهان کي کير جهڙو اڇو ڪري ڇڏيندس.


اي صيئون جبل جا رهاڪؤ! خوشيءَ منجھان نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جو پاڪ معبود جيڪو عظيم آهي، سو اوهان منجھہ ٿو رهي.“


اتي خداوند اسان کي پنهنجو جلوو پسائيندو، ۽ خداوند جي حضوري اسان لاءِ خوشحاليءَ واري وڏي ندي ۽ نهر مثل هوندي، جتان دشمنن جي ٻيڙين ۽ وڏن سامونڊي جهازن جو گذر ئي نہ ٿيندو.


خداوند، جيڪو اسان جو منصف، اسان جو حاڪم ۽ اسان جو بادشاهہ آهي، سو ئي اسان کي بچائيندو.


بيشڪ تو منهنجي سخت تڪليفن کي مون لاءِ راحت جو سبب بڻايو آهي. تو منهنجي جان تي مهربان ٿي مون کي برباديءَ جي کڏ مان بچائي ورتو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي سڀني گناهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.


تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.


ڀلي اوهين گڏجي خوب صلاح مصلحت ڪريو، پر اها ڪنهن ڪم جي نہ ٿيندي. اوهين جيڪو بہ منصوبو جوڙيندا، سو ناڪام ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان سان گڏ آهي.


انهن ڏينهن ۾ اسرائيل توڙي يهوداہ وارن ۾ ڪو گناهہ ڳوليو بہ نہ لڀندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهن مان جن کي باقي بچائي وٺندس، تن جو هر گناهہ ۽ هر خطا معاف ڪري ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


شهر جي چئني پاسن واري ڀت جي جملي ڊيگھہ نوَ ڪلوميٽر هوندي. انهيءَ ڏينهن کان شهر کي هن نالي سان سڏيو ويندو تہ ”خداوند هتي رهي ٿو.“


بلڪ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان، ۽ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان. اوهان جو ٻيو ڪوبہ معبود ڪونہ هوندو. پوءِ اوهين اڳتي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“


ڏسندي ئي ڏسندي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربان‌گاهہ تي جيڪا ساڙڻ واري قرباني ۽ چرٻي رکي هئي تنهن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين. جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو تڏهن حيرت وچان رڙيون ڪندي سجدي ۾ ڪري پيا.


’آءٌ خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ لافاني شفقت سان ڀرپور آهيان. آءٌ بڇڙائي ۽ بغاوت جو معاف ڪندڙ آهيان، تنهن هوندي بہ ڏوهارين کي آءٌ انصاف کان ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيندس. ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا آءٌ انهن جي اولاد کي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهيان.‘


هاڻ اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي واعدي ڪيل گھڻي شفقت موجب هن قوم جي بڇڙائي معاف ڪر، جهڙيءَ طرح تو مصر کان وٺي اڄ ڏينهن تائين کين معاف ڪيو آهي.“


اهي موسيٰ ۽ هارون جي اڳيان اچي گڏ ٿيا ۽ کين چيائون تہ ”اوهين تہ حد لنگھي ويا آهيو. جڏهن تہ قوم جو هر هڪ ماڻهو مخصوص آهي ۽ خداوند اسان سڀني سان آهي تہ پوءِ اوهين ڇو پنهنجو پاڻ کي خداوند جي قوم کان مٿاهون ٿا سمجھو.“


جيستائين ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان بيٺو هوندو هو، پوءِ ٻہ ڏينهن هجن يا هڪ مهينو هجي يا انهيءَ کان وڌيڪ عرصو هجي، تيستائين بني اسرائيل منزل ڪري ويٺا هوندا هئا ۽ روانا ڪين ٿيندا هئا. پر جڏهن اهو کڄندو هو تڏهن اهي منزل کڻي روانا ٿيندا هئا.


”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا اسان سان.“


سو اڳتي گناهہ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين شريعت جي تابع نہ، بلڪ خدا جي فضل جي تابع آهيو.


پر هاڻ جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ آهن، سي گنهگار هئڻ جي فتويٰ کان آزاد آهن.


خدا جو شڪر آهي، جيڪو اسان کي مسيح جا هئڻ ڪري سدائين پنهنجي فتح واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي وسيلي هر هنڌ مسيح بابت ڄاڻ خوشبوءِ وانگر پکيڙي ٿو.


منهنجو مطلب آهي تہ خدا مسيح جي وسيلي دنيا جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪندي ماڻهن جي گناهن جو ڪو حساب نہ ڪيو. ميل ميلاپ ڪرائڻ جو اهو پيغام هن اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو.


خدا جو گھر ۽ بت پاڻ ۾ ڪيئن ٿا راضي رهي سگھن، جڏهن تہ خدا جيڪو جيئرو آهي، تنهن جو گھر تہ اسين آهيون؟ پاڪ ڪلام ۾ خدا پنهنجي قوم بابت جيڪي فرمايو آهي، سو اسان لاءِ بہ آهي تہ ”آءٌ انهن ۾ رهندس ۽ انهن ۾ گھمندس ڦرندس، آءٌ انهن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجا ماڻهو ٿيندا.“


خداوند نون جي پٽ يشوع کي هدايت ڪري چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي ويندين، جنهن بابت مون ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو آهي. آءٌ پاڻ بہ تو ساڻ هوندس.“


پر اوهان سدائين ساڻس بڇڙي هلت ڪئي آهي، سو انهيءَ بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين سندس قوم هئڻ لائق ناهيو، هائو، اوهين پورو نسل گمراهہ ۽ ڏنگا آهيو.


جڏهن بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ ۽ هر قبيلو اتي گڏ ٿيو، تڏهن خداوند اچي پنهنجي پيارن جو بادشاهہ بڻيو.“


جنهن ڏينهن کان منهنجي اوهان سان واقفيت ٿي آهي، تنهن ڏينهن کان اوهين خداوند جي خلاف بغاوت ڪندا ٿا اچو.


جِدعون انهيءَ کي چيو تہ ”اي منهنجا سائين! جيڪڏهن خداوند اسان سان آهي تہ پوءِ هي سڀ ڪجھہ اسان سان ڇو ٿيو آهي؟ هن جا اهي سڀ معجزا ڪٿي آهن جن بابت اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي ٻڌايو هو تہ خداوند ڪيئن کين مصر مان هتي آندو؟ پر هاڻي تہ خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ اسان کي مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿس.“


آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ اوهان جي هن ٻانهيءَ کي ڪجھہ وڌيڪ ڳالهائڻ جي خطا جي معافي ڏني وڃي. جيئن تہ منهنجو آقا خداوند لاءِ جنگيون ٿو ڪري، سو يقيناً خداوند منهنجي آقا جي گھراڻي کي جٽادار بادشاهي ڏيندو، ۽ سڄيءَ عمر ۾ توهان کان ڪابہ برائي ڪين ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ