Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 23:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن بلق بلعام کي چيو تہ ”هي تو مون سان ڇا ڪيو؟ مون تہ تو کي پنهنجي دشمنن تي لعنت ڪرڻ لاءِ هتي گھرايو آهي، پر تو تہ انهن کي برڪت ئي برڪت ڏني آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تڏهن بلق بلعام کي چيو تہ هي تو مون سان ڇا ڪيو؟ مون تو کي پنهنجن دشمنن تي لعنت ڪرڻ لاءِ آندو آهي، پر ڏس تو تہ انهن کي برڪت ئي برڪت ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 23:11
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جي مصر جي غلاميءَ مان نڪرڻ وقت اهي ماني ۽ پاڻي کڻي ساڻن ملڻ لاءِ نہ آيا هئا. اُٽلندو هنن بلعام کي ڀاڙي تي آندو، تہ جيئن هو انهن تي لعنت وجھي، جنهن لعنت کي بني اسرائيل جي خدا برڪت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.


’جيڪا قوم مصر مان نڪري آئي آهي سا روءِ‌زمين تي پکڙجي ويئي آهي. هاڻ تون اچ ۽ انهن تي اچي لعنت ڪر، پوءِ شايد آءٌ ساڻن وڙهي سگھان ۽ کين ڀڄائي ڪڍان.‘“


آءٌ تو کي گھڻو نوازيندس ۽ جيئن تون چوندين تيئن آءٌ ڪندس. مهرباني ڪري اچ ۽ هنن ماڻهن تي منهنجي خاطر لعنت ڪر.“


هن جواب ڏنو تہ ”ڇا آءٌ رڳو اُها ئي ڳالهہ نہ چوان جيڪا خداوند منهنجي وات ۾ وڌي هجي؟“


تڏهن بلق کي بلعام تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. هن پنهنجا هٿ مهٽيندي بلعام کي چيو تہ ”مون تہ تو کي انهيءَ لاءِ سڏايو هو تہ منهنجي دشمنن تي لعنت ڪر، پر تو تہ هنن کي اٽلندو ٽي ڀيرا برڪت ڏني آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ