Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 22:31 - Muslim Sindhi Bible

31 پوءِ خداوند بلعام جون اکيون کوليون، تڏهن هن خداوند جي ملائڪ کي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار کنيو رستي ۾ بيٺل ڏٺو. تنهن تي هن جھڪي سجدو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 تڏهن خداوند بلعام جون اکيون کوليون، ۽ هن خدا جي فرشتي کي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار کڻي رستي تي بيٺل ڏٺو، تنهن تي هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي، سجدو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 22:31
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خدا هاجرہ جون اکيون کوليون ۽ هاجرہ هڪڙو کوهہ ڏٺو. هوءَ وڃي اتان پنهنجي مشڪ پاڻيءَ سان ڀري آئي ۽ چڪو ٻار کي پيئاريائين.


دائود مٿي نهاري ڏٺو تہ خداوند جو ملائڪ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ اگھاڙي تلوار يروشلم جي مٿان جھليو بيٺو آهي. تڏهن دائود ۽ اڳواڻ، جن کي کٿا ڍڪيل هئا، تن زمين تي سر رکي سجدو ڪيو.


اي خداوند! تون انهن ۾ پنهنجو خوف وجھي ڇڏ، تان‌تہ اهي ڄاڻي وٺن تہ هو ڪيڏا نہ فاني آهن.


تڏهن موسيٰ تڪڙو ٿي زمين تي سر جھڪائي سجدو ڪيو.


تڏهن گڏهِہ وراڻيس تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي اُها ئي گڏهِہ نہ آهيان، جنهن تي اوهان اڄ ڏينهن تائين هميشہ سواري پئي ڪئي آهي؟ ڇا ڪڏهن اڳي بہ مون اوهان سان ائين ڪيو آهي؟“ هن چيو تہ ”نہ.“


هائو، قادرِمطلق جي رويا ڏسندي آءٌ سجدي ۾ ڪران ٿو. آءٌ خدا تعاليٰ جو فرمان ٻڌي سندس ڄاڻ حاصل ڪريان ٿو. پوءِ هي گفتو چوان ٿو تہ


هائو، قادرِمطلق جي رويا ڏسندي آءٌ سجدي ۾ ڪران ٿو، ۽ خدا جو فرمان ٻڌي پوءِ هي گفتو چوان ٿو تہ


پر انهن جي اکين مان عيسيٰ کي سڃاڻڻ جي سگھہ کسي ويئي هئي.


اهو ڏسي سندن اکيون کُليون ۽ هنن عيسيٰ کي سڃاڻي ورتو، پر هو انهن جي اکين اڳيان غائب ٿي ويو.


جيئن ئي عيسيٰ کين چيو تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان،“ تيئن اهي پوئتي هٽي وڃي زمين تي ڪري پيا.


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي ايمان آڻين ۽ گناهن جي معافي ملين ۽ هو خدا جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


يشوع جڏهن يريحو شهر جي ويجھو اچي پهتو تہ اوچتو ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار ڪڍيو بيٺو آهي. يشوع وٽس ويو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تون اسان جي طرف آهين يا اسان جي دشمنن جي طرف؟“


هن وراڻيو تہ ”ڪنهن جي بہ طرف نہ. آءٌ هتي هينئر خداوند جي لشڪر جو سپهہ‌سالار ٿي آيو آهيان.“ تڏهن يشوع کيس تعظيمي سجدو ڪيو ۽ چيائينس تہ ”آقا! مون ٻانهي جي لاءِ اوهان جو ڪهڙو حڪم آهي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ