Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 21:24 - Muslim Sindhi Bible

24 پر بني اسرائيل انهن امورين کي جنگ ۾ ماري ختم ڪري ڇڏيو ۽ برساتي نهر ارنون کان وٺي برساتي نهر يبوق تائين يعني بني عمون جي سرحد تائين هنن جي ملڪ تي قبضو ڪيائون. هو اڳتي وڌي نہ سگھيا ڇو تہ بني عمون جي سرحد مضبوط هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ اسرائيلين هن کي ترار جي ڌار سان ماريو، ۽ ارنون کان وٺي يبوق تائين جتي بني امون جي سرحد آهي؛ اوستائين هن جي ملڪ تي قبضو ڪيائون: ڇالاءِ جو بني امون جي سرحد مضبوط هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 21:24
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ رات يعقوب اٿيو ۽ پنهنجيون ٻئي زالون، ٻئي سريتون ۽ يارهن پٽ ساڻ ڪري برساتي نهر يبوق جي پتڻ کان اچي پار ٽپيو.


تو هنن کي بادشاهتون ڏنيون ۽ قومون سندن قبضي هيٺ ڪيون. تو هنن جي بادشاهت جون حدون پري پري تائين وڌائي ڇڏيون. هنن حشبون جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ تي، توڙي بسن جي بادشاهہ عوج جي ملڪ تي پڻ قبضو ڪيو.


بيشڪ هن سيحون کي قتل ڪيو، جيڪو امورين جو بادشاهہ هو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


اي اسرائيل وارؤ! حالانڪ مون ئي اوهان جي وڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن رهنمائي ڪيم. اوهان جي وڏن ڏٺو تہ مون ڪيئن انهن امورين کي ناس ڪري ڇڏيو، جيڪي ديال جي وڻ جيڏا قداور، ۽ شاهہ‌بلوط جي وڻ جهڙا مضبوط هئا. هائو، مون مٿان کان سندن ميوو، ۽ هيٺان سندن پاڙون ناس ڪري ڇڏيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين امورين جي ملڪ جا وارث ٿيو.


وري اتان روانا ٿي ارنون نالي برساتي نهر جي پرينءَ ڀر وڃي منزل ڪيائون، جيڪا امورين جي سرحد وٽان نڪري بيابان ۾ ٿي وهي. برساتي نهر ارنون امورين ۽ موآبين جي وچ ۾ آهي ۽ موآب جي سرحد آهي.


اهو ان وقت کان پوءِ ٿيو هو جڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون کي، جيڪو حشبون تي راڄ ڪندو هو شڪست ڏيئي ماريو هو ۽ ان کان پوءِ بسن جو بادشاهہ عوج، جيڪو عشتارات تي راڄ ڪندو هو تنهن کي پڻ ادرعيءَ ۾ شڪست ڏيئي ماريو هئائين.


پوءِ جڏهن اوهين هن جاءِ تي آيا، تڏهن حشبون جو بادشاهہ سيحون ۽ بسن جو بادشاهہ عوج اسان جي خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيا، پر اسان انهن کي شڪست ڏني.


بني روبن ۽ بني جد جي قبيلن کي مون جِلعاد کان وٺي برساتي نهر ارنون تائين علائقو ڏنو. برساتي نهر ارنون جي وچ واري حصي کي سندن ڏاکڻي حد مقرر ڪري، برساتي نهر يبوق تائين سڄو علائقو کين ڏنم، جيڪا نهر اتر طرف عمونين جي سرحد آهي.


خداوند انهن قومن کي ائين ئي برباد ڪندو جيئن امورين جي بادشاهن سيحون ۽ عوج ۽ سندن سڄي ملڪ کي ڪيو هئائين.


هن اهي کين اردن درياءَ جي اوڀر پاسي ماٿريءَ ۾ بيت‌فعور شهر جي سامهون ٻڌايا، يعني امورين جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ ۾، جيڪو حشبون ۾ رهندو هو ۽ جنهن کي موسيٰ ۽ بني اسرائيل مصر مان نڪرڻ کان پوءِ شڪست ڏني.


بسن ۾ عوج بادشاهہ جيڪو رفائين جي باقي بچيل نسل مان هو ۽ عستارات ۽ ادرعي تي راڄ ڪندو هو، تنهن جي سڄي بادشاهت انهيءَ ۾ شامل هئي. موسيٰ انهن کي شڪست ڏيئي کين بي‌دخل ڪري ڇڏيو هو.


پوءِ مون اوهان کي امورين جي ملڪ ۾ آندو جنهن جا ماڻهو اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر اوڀر پاسي رهندا هئا. اهي اوهان سان وڙهيا پر مون اوهان کي انهن تي سوڀ ڏني. مون انهن کي اوهان جي اڳيان برباد ڪري ڇڏيو ۽ اوهان انهن جي زمين پنهنجي قبضي ۾ آندي.


۽ جيڪي هن اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر امورين جي ٻنهي بادشاهن سان ڪيو، يعني حشبون جي بادشاهہ سيحون سان ۽ بسن جي بادشاهہ عوج سان جيڪو عستارات ۾ رهندو هو.


خداوند بني اسرائيل کي وراڻيو تہ ”جڏهن مصرين، امورين، بني عمون ۽ فلستين،


تنهن تي بني عمون جي بادشاهہ افتاح جي ايلچين کي جواب ڏنو تہ ”جڏهن بني اسرائيل مصر مان نڪري آيا هئا تڏهن انهن برساتي نهر ارنون کان وٺي برساتي نهر يبوق ۽ اردن درياءَ تائين منهنجي زمين قبضي ڪئي هئي. سو هاڻ اها صلح سانت ۾ مون کي موٽائي ڏيو.“


سو هاڻي هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا بني اسرائيل مان ڪو اهڙو گھراڻو آهي جيڪو مصفاہ ۾ خداوند جي حضور ۾ حاضر نہ ٿيو هجي؟“ تڏهن کين معلوم ٿيو تہ جِلعاد جي يبيس شهر مان ڪوبہ اتي ڪونہ آيو هو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ