Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 20:28 - Muslim Sindhi Bible

28 موسيٰ هارون جي ڪهانت واري پوشاڪ لاهي سندس پٽ اليعزر کي پارائي. هارون اتي ئي جبل جي چوٽيءَ تي وفات ڪئي. پوءِ جڏهن موسيٰ ۽ اليعزر جبل تان هيٺ لهي آيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ موسيٰ هارون جا ڪپڙا لاهي، سندس پٽ اليعزر کي ڍڪيا؛ ۽ هارون اتي ئي جبل جي چوٽيءَ تي وفات ڪئي: ۽ موسيٰ ۽ اليعزر جبل تان هيٺ لهي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 20:28
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دائود بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي حڪم ڏنو تہ سندس پٽ سليمان جي مدد ڪن.


هن ڪري جو اهو بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جي لاءِ ڪاهنن جو حق ٿئي. سو بني اسرائيل جي طرفان اهو سندن سلامتيءَ جي قربانين مان خاص قرباني ٿيندو، جيڪو سندن طرفان مون خداوند لاءِ آهي.


هارون اليشبع سان شادي ڪئي، جيڪا نحسون جي ڀيڻ ۽ عمينداب جي ڌيءَ هئي. انهيءَ مان کيس چار پٽ ڄاوا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.


بني اسرائيل جي سڄي قوم، پهرئين مهيني ۾ صين جي بيابان ۾ آئي ۽ ماڻهن قادش ۾ پنهنجا تنبو کوڙيا. اتي مريم وفات ڪئي ۽ اتي ئي کيس دفنايو ويو.


اتي هارون جي ڪهانت واري خاص پوشاڪ لاهي سندس پٽ اليعزر کي پاراءِ. هارون اتي وفات ڪري پنهنجن سان وڃي گڏبو.“


سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو. هو سڄيءَ قوم جي اکين جي سامهون هور جبل تي چڙهي ويا.


انهيءَ ملڪ جي ڏسڻ کان پوءِ تون بہ پنهنجي ڀاءُ هارون وانگر پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين،


تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ موسيروت ۾ اچي منزل ڪيائون.


جڏهن بني اسرائيل بني يعقان جي کوهن کان روانا ٿي موسيرہ ۾ آيا هئا، تڏهن اُتي هارون وفات ڪئي ۽ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. سندس پٽ اليعزر سندس جاءِ تي ڪاهن طور مقرر ٿي خدمت ڪرڻ لڳو.


سو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، خداوند جي چوڻ موجب اتي موآب جي ميدان ۾ ئي وفات ڪئي.


نون جو پٽ يشوع دانائيءَ جي روح سان ڀرپور هو، ڇاڪاڻ تہ موسيٰ پنهنجا هٿ مٿس رکيا هئا. سو بني اسرائيل جا ماڻهو هن جي فرمانبرداري ڪرڻ لڳا ۽ خداوند جيڪو حڪم موسيٰ کي ڏنو هو، تنهن موجب هنن عمل ڪيو.


هارون جي پٽ اليعزر وفات ڪئي ۽ کيس انهيءَ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو، جيڪا سندس پٽ فينحاس کي افرائيم جي جابلو علائقي ۾ ڏني ويئي هئي.


تنهنڪري آءٌ دل وَ جان سان ڪوشش ڪندو رهندس تہ منهنجي مري وڃڻ کان پوءِ بہ اوهين هر وقت اهي ڳالهيون ياد رکي سگھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ