”مون بني اسرائيل جون شڪايتون ٻڌيون آهن. تون هنن کي چئُہ تہ شام جي وقت اوهين گوشت کائيندا ۽ صبح جو اوهان کي ڍءَ تي ماني ملندي. پوءِ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“
رڳو، اوهين خداوند جي خلاف بغاوت نہ ڪريو، نڪي انهيءَ ملڪ جي ماڻهن کان ڊڄو. هو تہ اسان جو کاڄ آهن. خداوند اسان سان آهي ۽ انهن تان ڇانوَ کڄي ويئي آهي، سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو.“
پوءِ قورح پنهنجو سڄو ٽولو گڏ ڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ موسيٰ ۽ هارون جي منهن مقابل آڻي بيهاريو. تڏهن اوچتو خداوند جو جلال سڀني جي روبرو ظاهر ٿيو.
هو خدا ۽ موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ لڳا. هو چوڻ لڳا تہ ”ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن بيابان ۾ مرڻ جي لاءِ آندو آهي، جتي نہ ماني آهي، نہ پاڻي؟ اسان جي دل کي هن ڪني کاڌي کان ڪراهت ٿي اچي.“