Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 19:13 - Muslim Sindhi Bible

13 جيڪڏهن ڪو ماڻهوءَ جي لاش کي ڇهي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ٿو ڪري تہ اهو مون خداوند جي مقدس خيمي کي ناپاڪ ٿو ڪري. اهو ماڻهو بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي ان جي مٿان نہ ڇٽڪاريو ويو آهي، انهيءَ ڪري هو ناپاڪ ئي رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاشي کي ڇهي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ نٿو ڪري، سو خداوند جي خيمي کي ناپاڪ ٿو ڪري؛ اهڙو ماڻهو اسرائيل مان تباهہ ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي انهي تي ڇاٽاريو نہ ويو، تنهنڪري اهو ناپاڪ رهندو؛ انهي جي ناپاڪي اڃا بہ انهي جي مٿان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 19:13
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ جهڙو ڪو ٻيو تيل ٺاهيندو يا انهيءَ مان ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي لائيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


بدڪار ماڻهو پنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڪري برباد ٿيو وڃي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري محفوظ رهي ٿو.


جيڪڏهن ڪو ان طرح ناپاڪ ٿي پيو هجي تہ هو پهريائين پاڻ کي پاڪ ڪري ۽ پوءِ ستن ڏينهن تائين انتظار ڪري.


تنهنڪري اوهين بني اسرائيل کي اهڙين ناپاڪيءَ جي حالتن کان دور رکجو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ منهنجي مقدس خيمي، جيڪو سندن وچ ۾ آهي، تنهن کي پليت ڪري مري نہ پون.


آءٌ پاڻ بہ انهيءَ ماڻهوءَ جو مخالف ٿيندس ۽ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجو اولاد مولڪ کي ڏيئي منهنجي مقدس خيمي کي پليت ڪيو آهي ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بي‌حرمتي ڪئي اٿائين.


تون انهن کي چئُہ تہ ’اوهان جي سڀني پيڙهين ۾، اوهان جي اولاد مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو ناپاڪيءَ واري حالت ۾ انهن مخصوص قربانين جي ويجھو ويندو، جيڪي بني اسرائيل جي ماڻهن مون خداوند جي لاءِ وقف ڪيون هونديون، تہ انهيءَ کي منهنجي خدمت واري ڪم مان خارج ڪيو ويندو. آءٌ خداوند آهيان.‘


هارون جي اولاد مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض يا جريان جي مرض وارو هجي، تہ اهو جيستائين پاڪ نہ ٿئي تيستائين انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي. جيڪڏهن ڪو اهڙو ڪاهن آهي جو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کي ڇهي جيڪا ڪنهن مُڙدي کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿي هجي، يا ڪاهن انزال ٿيو هجي،


جيڪڏهن ڪو ماڻهو قصور ڪري ڪو اهڙو ڪم ڪري وجھي جنهن لاءِ مون خداوند منع ڪئي آهي، پوءِ جيتوڻيڪ انهيءَ جي خبر نہ بہ هجيس تہ بہ هو ڏوهاري آهي ۽ گناهہ جو بار مٿس پوندو.


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن بہ قسم جي انساني غلاظت، جنهن سان هو پليت ٿئي ٿو، تنهن کي ڇهي ٿو، پوءِ جڏهن کيس اها ڳالهہ معلوم ٿيندي تڏهن هو ڏوهاري ٿيندو.


پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو هجي تنهن جي لاءِ هو مون خداوند جي حضور ۾ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ گھيٽي يا ٻڪري آڻي پيش ڪري، تڏهن ڪاهن سندس گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت ناپاڪيءَ جي حالت ۾ کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪ شيءِ انسان جي هجي يا جانور جي يا ٻي ڪا ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، تہ انهيءَ حالت ۾ جي هو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


پر جيڪڏهن ڪو ڄاڻي‌واڻي خطا ڪري، ڀلي پوءِ اهو قوم جو اصلي فرد هجي يا قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو، سو مون خدا جي توهين ڪري ٿو. اهو شخص بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن تنبوءَ ۾ مري وڃي تہ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ وقت تنبوءَ ۾ هوندو يا ٻاهران تنبوءَ ۾ گھڙي ايندو سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.


پوءِ هڪڙو پاڪ ماڻهو زوفا جي ٽاري کڻي انهيءَ پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ۽ انهيءَ تنبوءَ تي، جيڪي ڪجھہ تنبوءَ ۾ هجي تنهن تي ۽ جيڪي ماڻهو اتي هجن تن تي ڇٽڪاري. اهو پاڻي انهيءَ ماڻهوءَ تي بہ ڇٽڪاريو وڃي جنهن ڪنهن مئل ماڻهوءَ جي هڏي کي، ڪنهن تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي، ڪنهن ماڻهوءَ جي لاش کي يا ڪنهن قبر کي هٿ لاتو هجي.


پاڪ ماڻهو ٽئين ۽ ستين ڏينهن تي انهيءَ ناپاڪ ماڻهوءَ تي اهو پاڻي ڇٽڪاري ۽ ستين ڏينهن هو انهيءَ کي پاڪ قرار ڏئي. انهيءَ ڏينهن تي پاڪ ٿيڻ وارو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. تنهن کان پوءِ شام جو هو پاڪ ٿي ويندو.


پر جيڪڏهن ڪو ناپاڪ هجي ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ڪرائي تہ اهو بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، ڇو تہ هن مون خداوند جي مقدس خيمي کي ناپاڪ ڪيو آهي. جيئن تہ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي مٿس نہ ڇٽڪاريو ويو آهي انهيءَ ڪري هو ناپاڪ آهي.


جيڪو ماڻهو پاڪ هجي سو انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪري خيمي‌گاهہ جي ٻاهران ڪنهن پاڪ جاءِ تي رکي. اها بني اسرائيل لاءِ ناپاڪي لاهڻ جي پاڻيءَ ۾ استعمال ڪرڻ واسطي رکي رهي. اها رک ئي پاڪائيءَ جي لاءِ ڪم آندي وڃي ٿي.


کين پاڪ ڪرڻ لاءِ انهن تي پاڪ ڪرڻ وارو پاڻي ڇٽڪار ۽ کين چئُہ تہ هو پنهنجي سڄي بدن تي پاڪي گھمائين ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئين. اهڙيءَ طرح هو پاڪ ٿي ويندا.


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڪ هجي ۽ مسافريءَ ۾ بہ نہ هجي ۽ پوءِ بہ عيد فصح نہ ملهائي تہ اهڙي کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ مقرر ڪيل وقت تي هُن مون خداوند جي لاءِ نذرانو پيش نہ ڪيو آهي. اهو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي سزا ڀوڳيندو.


اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا. جيڪڏهن اوهين اها ڳالهہ قبول نہ ڪندا تہ آءٌ اهو ئي آهيان، تہ پوءِ اوهين ضرور پنهنجن گناهن ۾ مرندا.“


تڏهن غور ڪريو تہ اهو شخص ڪيڏي نہ وڏي سزا جي لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو، عهد جي انهيءَ رت کي ڪين جهڙو سمجھيو جنهن سان کيس مخصوص ۽ پاڪ ڪيو ويو هو ۽ فضل بخشيندڙ روح جي بي‌حرمتي ڪيائين!


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پاڪ صاف ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي.


پر جيڪي ڊڄڻا، ايمان کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت‌پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“


جيڪو برائي ڪري ٿو سو ڀلي برائي پيو ڪري، جيڪو ناپاڪ آهي سو ڀلي ناپاڪ پيو رهي، جيڪو نيڪ آهي سو ڀلي نيڪي پيو ڪري ۽ جيڪو پاڪ آهي سو ڀلي پاڪ پيو رهي.“


پر ڪتا، يعني جادوگر، زناڪار، قاتل، بت‌پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شهر کان ٻاهر هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ