Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 18:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اُهي تو سان ڪم ۾ شريڪ ٿين ۽ مقدس خيمي جي سنڀال ۽ سڀڪا خدمت ڪن، پر ٻيو ڪوبہ اوهان سان گڏ ڪم نہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ اهي تو سان شامل ٿي، جماعت واري تنبوءَ جي حفاظت ڪن، ۽ انهي تنبوءَ جي سڀڪا خدمت ڪن، ۽ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو اوهان جي ويجهو نہ اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 18:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ آءٌ هنن کي هيڪل جي سار سنڀال ۽ انهيءَ جي هر طرح جي خدمت چاڪريءَ ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ ڪرڻو هوندو تنهن لاءِ مقرر ڪندس.“


جڏهن مقدس خيمو اڳتي وڃڻو هجي تہ لاوي انهيءَ کي لاهين ۽ وري جڏهن کڙو ڪرڻو هجي تہ اهي ئي کڙو ڪن. جيڪو بہ ٻيو ماڻهو انهيءَ جي ويجھو ايندو، سو ماريو ويندو.


پر لاوي پنهنجا تنبو مقدس خيمي جي چوڌاري هڻن. اهو انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو انهيءَ جي ويجھو اچي ۽ آءٌ بني اسرائيل قوم تي پنهنجو غضب نازل ڪريان. لاوي ئي مقدس خيمي جي سنڀال جا ذميوار آهن.“


هو تنهنجي مدد ڪن ۽ سڄي خيمي جي سنڀال ڪن. پر هو مقدس خيمي جي مخصوص شين ۽ قربان‌گاهہ جي ويجھو نہ اچن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي مري نہ وڃن ۽ انهن سان گڏ اوهين بہ مري وڃو.


تون ۽ تنهنجا پٽ مقدس خيمي ۽ قربان‌گاهہ جي سنڀال ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي وري بني اسرائيل تي منهنجو غضب نازل نہ ٿئي.


تون هارون ۽ سندس پٽن کي مقرر ڪر تہ اهي ڪهانت جا فرض بجا آڻيندا رهن. جيڪڏهن ڪو ٻيو مقدس جاءِ جي ويجھو اچي تہ ان کي ماريو وڃي.“


باقي قوم واري اڌ حصي مان هر پنجاهہ مان هڪڙو خواهہ قيدي ماڻهن مان خواهہ ڍورن ڍڳن مان، گڏهن مان خواهہ رڍن ٻڪرين مان وٺي لاوين کي ڏي، جيڪي مون خداوند جي خيمي‌گاهہ جي سنڀال ٿا ڪن.“


اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ پنهنجن لاوي ڀائرن سان انهن جي ٻين ڪمن ۾ ڀلي هٿ ونڊائيندا رهن، پر هو پنهنجي سر خدمت وارو ڪوبہ ڪم نہ ڪن. اهڙيءَ ئي طرح تو کي لاوين جي ذمي ڪم سونپڻا آهن.“


خداوند بيت‌شمس جي ستر ماڻهن کي ماري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ جو هنن خداوند جي عهد واري صندوق اندر نهاريو هو. سو ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، ڇو تہ خداوند منجھن تباهي آڻي کين ماريو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ