Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 16:42 - Muslim Sindhi Bible

42 جڏهن اهي موسيٰ ۽ هارون جي خلاف گڏ ٿيا، تڏهن خدا سان ملاقات واري خيمي ڏانهن جو نگاهہ ڪيائون تہ ڇا ڏسن تہ ڪڪر انهيءَ کي ڍڪي ڇڏيو آهي ۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيو آهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

42 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اها جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف گڏ ٿي، تڏهن انهن جماعت واري تنبوءَ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ ڏسو، ڪڪر انهي کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 16:42
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هارون بني اسرائيل قوم کي ائين چئي رهيو هو، تڏهن انهن بيابان ڏانهن نظر ڪئي تہ اوچتو ڪڪر ۾ کين خداوند جو جلوو ڏسڻ ۾ آيو.


صبح جو اوهين خداوند جو جلوو ڏسندا، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي خلاف اوهان جون شڪايتون ٻڌيون آهن. سو اسين ڪير ٿيندا آهيون جو اوهين اسان جي خلاف ڪُرڪو ٿا؟“


خداوند جو جلال سينا جبل تي اچي لٿو ۽ ڪڪر انهيءَ کي ڇهن ڏينهن تائين ڍڪي رکيو. آخر ستين ڏينهن خداوند ڪڪر جي اندران موسيٰ کي سڏيو.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون خدا سان ملاقات واري خيمي اندر ويا ۽ جڏهن ٻاهر نڪري آيا تہ ماڻهن کي دعا ڪيائون. تڏهن خداوند جو جلوو سڀني ماڻهن کي ڏسڻ ۾ آيو.


پر اهي چوڻ لڳا تہ ”هنن کي سنگسار ڪريو.“ تڏهن اوچتو خداوند جو جلال سڀني ماڻهن جي روبرو خدا سان ملاقات واري خيمي مٿان ظاهر ٿيو.


پوءِ قورح پنهنجو سڄو ٽولو گڏ ڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ موسيٰ ۽ هارون جي منهن مقابل آڻي بيهاريو. تڏهن اوچتو خداوند جو جلال سڀني جي روبرو ظاهر ٿيو.


سو موسيٰ ۽ هارون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڳيان وڃي بيٺا.


جيئن تہ قادش ۾ قوم جي لاءِ پاڻي ڪونہ هو، سو ماڻهو موسيٰ ۽ هارون جي خلاف وٽن اچي گڏ ٿيا.


تڏهن موسيٰ ۽ هارون ماڻهن وٽان نڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي در تي آيا. هو اتي سجدي ۾ ڪري پيا، تڏهن خداوند جو جلوو مٿن ظاهر ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ