31 هن اڃا ايترو چئي بس ڪئي تہ سندن پيرن هيٺان زمين ڦاٽي پيئي.
31 ۽ هيئن ٿيو جو اڃا هن ايترو ڳالهائي بس ڪئي، تہ هنن جي هيٺان زمين ڦاٽي پيئي؛
زمين کي ايڏو تہ سختيءَ سان لوڏيو ويندو، جو اها ڦاٽي پوندي ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي.
پر جيڪڏهن خداوند ڪا نئين واردات ڪري ۽ زمين پنهنجو وات ڦاڙي هنن کي سندن سموري مال ملڪيت سميت ڳهي وڃي ۽ هو جيئرا ئي وڃي قبر داخل ٿين تہ پوءِ سمجھجو تہ هنن خداوند جي توهين ڪئي آهي.“
زمين وات پٽيو ۽ هنن کي سندن گھر ٻار سميت ۽ قورح سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي سندن مال ملڪيت سميت ڳهي ويئي.
پوءِ هو موسيٰ سان جھيڙو ڪري چوڻ لڳا تہ ”ڪيڏو نہ چڱو ٿئي ها جو جڏهن اسان جا همقوم خداوند جي مقدس خيمي جي سامهون مري ويا هئا تڏهن اسين بہ مري وڃون ها.
”اسان جو پيءُ بيابان ۾ مري ويو. هو انهن ماڻهن ۾ شامل ڪونہ هو جيڪي قورح جي ٽولي ۾ گڏ ٿي خداوند جي خلاف ٿيا هئا، بلڪ هو پنهنجي ئي گناهہ جي ڪري مري ويو. هن کي ڪوبہ پٽ ڪونہ هو.
ياد ڪريو، هن داتن ۽ ابيرام، جيڪي الياب جا پٽ ۽ روبن جا پوٽا هئا، تن جو ڪهڙو حال ڪيو. ڪيئن زمين پنهنجو وات پٽيو ۽ انهن کي، انهن جي گھر ٻار، تنبن ۽ سندن نوڪرن ۽ جانورن کي بني اسرائيل جي سامهون ڳهي ويئي.
مصيبت آهي هنن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هي قابيل جي واٽ تي ٿا هلن، نفعي جي خاطر بلعام جهڙي گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا آهن ۽ قورح وانگر بغاوت ڪري برباد ٿا ٿين.