Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 15:35 - Muslim Sindhi Bible

35 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ کي موت جي سزا ڏني وڃي. پوري قوم خيمي‌گاهہ جي ٻاهران کيس سنگسار ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هن ماڻهوءَ کي ضرور ماري ڇڏڻ گهرجي، ۽ ساري جماعت منزلگاهہ جي ٻاهران هن کي سنگسار ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 15:35
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ٻہ بدمعاش ماڻهو اچي نابوت جي سامهون ويٺا ۽ انهيءَ جي خلاف شاهدي ڏيندي چيائون تہ ”نابوت خدا ۽ بادشاهہ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي.“ تڏهن نابوت کي شهر کان ٻاهر آندو ويو ۽ کيس سنگسار ڪري ماريو ويو.


بني اسرائيل لاءِ فرمايو تہ ”اوهان مان يا اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي ٻارن مان ڪو مولڪ ديوتا کي نذر ڪري ڏيندو، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. سڀيئي ماڻهو انهيءَ کي سنگسار ڪري ڇڏين.


جيڪو بہ مرد يا عورت مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙ يا ڀوپو هجي، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. انهن کي سنگسار ڪيو وڃي. سندن خون سندن ئي سر تي آهي.“


جڏهن موسيٰ بني اسرائيل کي اهو سڀ ٻڌايو، تڏهن هو انهيءَ لعنت ڪندڙ کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر وٺي ويا ۽ کيس سنگسار ڪيائون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تيئن انهن سڀني خيمي‌گاهہ کان ٻاهر وٺي وڃي کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏيو.


هو هڪدم اُٿي کڙا ٿيا ۽ عيسيٰ کي گهلي شهر کان ٻاهر ڪڍي آيا. پوءِ جنهن ٽڪريءَ تي سندن شهر اڏيل هو، تنهن جي چوٽيءَ تي وٺي آيس تہ جيئن اتان هيٺ اڇلائينس.


هو کيس شهر مان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاهدي ڏيندڙن پنهنجا ڪپڙا لاهي سائول نالي هڪڙي نوجوان وٽ رکيا.


تڏهن سندس شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو. بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ