Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 15:31 - Muslim Sindhi Bible

31 جيئن تہ هن مون خداوند جي فرمان کي خسيس سمجھي ڄاڻي‌واڻي منهنجو حڪم ڀڳو، سو اهو شخص ضرور خارج ڪيو ويندو. سندس گناهہ سندس ئي سر تي رهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ڇالاءِ جو هن خداوند جي ڪلام جي بي ادبي ڪئي، ۽ سندس حڪم ڀڳائين؛ اهڙو شخص اصل تباهہ ڪيو ويندو، ۽ هن جو گناهہ انهي جي سر تي رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 15:31
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ پوءِ تو ڇو مون خداوند جي فرمان کي خسيس ڄاڻيندي اهڙو ڪم ڪيو، جيڪو منهنجي نظر ۾ برو آهي؟ تو اورياہ حتيءَ کي جنگ ۾ مارايو. هائو، تو هن کي بني عمون جي هٿان قتل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ سندس زال کي پنهنجي زال بڻايو آهي.


انهيءَ سبب جو هنن خدا جي حڪمن خلاف سرڪشي ڪئي هئي، ۽ خدا تعاليٰ جي هدايتن کي حقير ڄاتو هئائون.


اي خداوند! وقت اچي ويو آهي جو تون ڪجھہ ڪرين، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن تنهنجي شريعت کي ٽوڙيو آهي.


پنهنجي گناهن جي ٻوڏ اندر آءٌ ٻڏي رهيو آهيان. هائو، اهي اهڙي ڳري بار وانگر آهن، جنهن جي هيٺان آءٌ چيڀاٽجي رهيو آهيان.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ جهڙو ڪو ٻيو تيل ٺاهيندو يا انهيءَ مان ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي لائيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


جيڪو ڏاهن جي نصيحتن کي حقير ٿو ڄاڻي، سو نقصان ۾ ٿو وڃي، مگر جيڪو انهن کي مڃي مٿن عمل ٿو ڪري، سو فائدي ۾ ٿو وڃي.


سو هاڻي بني اسرائيل جو پاڪ معبود سندن جواب ۾ هيئن ٿو فرمائي تہ ”اوهان منهنجي پيغام کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ظلم ۽ ڪوڙ تي ڀروسو ٿا رکو، ۽ انهن تي ئي اوهان جو دارومدار آهي.


اسين سڀ اهڙين رڍن وانگر آهيون، جيڪي پنهنجي رستي کان ڀٽڪي ٿيون وڃن. اسان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ٿو وڃي. پر خداوند اها سزا هن جي مٿان آندي، جڏهن تہ انهيءَ سزا جا حقدار اسين ئي هئاسين.


رڳو اهو ئي ماڻهو سزا لوڙيندو جيڪو گناهہ ڪري ٿو. نڪي اولاد والدين جي گناهن جي سزا لوڙيندو ۽ نہ وري والدين اولاد جي گناهن جي. نيڪ ماڻهوءَ کي سندس نيڪيءَ جو اجر ملندو ۽ بدڪار ماڻهوءَ کي سندس ڪيل بڇڙائين جي سزا ملندي.


۽ جيڪڏهن اوهين منهنجي قانونن کي ڇڏي ڏيندا، يا جيڪڏهن اوهان جي دل منهنجي فيصلن کان نفرت ڪندي، جنهن سبب اوهين منهنجي سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا ۽ اهڙيءَ طرح مون سان ٻڌل عهد کي ٽوڙي ڇڏيندا،


پر پهريائين ڪيئن بہ ڪري انهن کان اها زمين ڇڏائي ويندي، انهيءَ لاءِ تہ اها ويران رهي پنهنجي سبت جو پورو آرام وٺي. کين منهنجي حڪمن کي رد ڪرڻ ۽ منهنجي قانونن کان نفرت ڪرڻ جهڙن پنهنجن گناهن جي سزا قبول ڪرڻي پوندي.


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو گناهہ ڪري ٿو جو جڏهن شاهدي ڏيڻ وقت کيس قسم ڏنو وڃي، تڏهن جيڪي ٻڌو يا ڏٺو هجائين سو نہ ٻڌائي تہ انهيءَ جو ڏوهہ مٿس پوندو.


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڪ هجي ۽ مسافريءَ ۾ بہ نہ هجي ۽ پوءِ بہ عيد فصح نہ ملهائي تہ اهڙي کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ مقرر ڪيل وقت تي هُن مون خداوند جي لاءِ نذرانو پيش نہ ڪيو آهي. اهو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي سزا ڀوڳيندو.


جيڪو ڪاهن اتي خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هجي يا جيڪو جج اتي مقرر هجي، تنهن جي ڳالهہ جيڪڏهن ڪو شخص گستاخي ڪري نہ ٻڌي تہ انهيءَ شخص کي موت جي سزا ڏني وڃي. اوهين اهڙي خرابيءَ کي بني اسرائيل مان ڪڍي ڇڏجو.


تنهنڪري جيڪو هيءَ تعليم رد ٿو ڪري سو ماڻهوءَ کي نہ، بلڪ خدا کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوهان کي پنهنجو پاڪ روح عطا ڪري ٿو.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين گناهن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيئرا رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انهن سچائيءَ جي واٽ کي ڄاتو تہ سهي پر انهيءَ واٽ تي هلڻ واري پاڪ حڪم کان ڦري ويا، جيڪو کين سونپيو ويو هو. سو انهن لاءِ سٺو ٿئي ها جو اهي ان واٽ کي ڄاڻن ئي نہ ها.


تنهنڪري ئي عيليءَ جي گھراڻي بابت مون قسم کنيو تہ عيليءَ جي گھراڻي جي بدڪاريءَ جو ڪفارو قربانين يا نذرانن وسيلي ڪڏهن بہ قبول نہ پوندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ