Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 15:28 - Muslim Sindhi Bible

28 ڪاهن ان شخص لاءِ ڪفارو ادا ڪري جنهن بناارادي خطا ڪئي هجي، ان کان پوءِ کيس معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ جنهن شخص ڀل مان اها خطا ڪئي آهي، تنهن جي گناهہ جي لاءِ، ڪاهن خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ انهي کي معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 15:28
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تريءَ تي باقي بچيل تيل هو پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿي ۾ وجھي ڇڏي. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري.


بني اسرائيل لاءِ هي بہ فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ سان گناهہ ڪري وجھي، جن ڪمن ڪرڻ جي مون خداوند منع ڪئي آهي، تنهن لاءِ هي حڪم آهن.


هو هن وهڙي سان بہ ائين ئي ڪري جيئن پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري وهڙي سان ڪبو آهي. اهڙيءَ طرح هو ماڻهن جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ انهن کي معافي ملندي.


هو انهيءَ جي سموري چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري گھيٽي جي چرٻيءَ وانگر ڪڍي وٺي. ڪاهن انهيءَ کي قربان‌گاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جيڪي مون خداوند جي لاءِ ساڙبيون آهن. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.“


جيڪو بناارادي ڪا خطا ڪري تہ انهيءَ لاءِ اهو ساڳيو ئي قانون آهي، پوءِ اهو شخص هن قوم جو اصلي فرد هجي توڙي قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ