Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 14:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن نون جو پٽ يشوع ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، جيڪي انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ وارن مان هئا، تن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ نون جو پٽ يشوع، ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، جي انهيءَ ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ وارن مان هئا، تن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 14:6
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن روبن موٽي کوهہ وٽ آيو ۽ جيئن جو ڏٺائين تہ يوسف تہ منجھس آهي ئي ڪونہ! تڏهن هن وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.


پوءِ يعقوب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا. هن کٿو گوڏ ڪري ٻڌو ۽ انهيءَ ئي حالت ۾ ڪيترائي ڏينهن پنهنجي پٽ جي لاءِ سوڳ ڪندو رهيو.


تنهن تي هنن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا. پوءِ سڀيئي پنهنجا گڏهہ لڏي موٽي شهر ۾ آيا.


پوءِ دائود يوآب کي ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا تن سڀني کي چيو تہ ”اوهين پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو ۽ کٿا ڍڪيو ۽ ابنير جي جنازي اڳيان روئندا هلو.“ دائود بادشاهہ پاڻ جنازي جي پٺيان هلڻ لڳو.


پوءِ الياقم، شبناہ ۽ يوآخ ڏک ۾ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ اچي بادشاهہ حزقياہ کي عملدار اعليٰ واريون ڳالهيون ٻڌايون.


تڏهن ايوب اٿيو ۽ ڏک وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين ۽ مٿو ڪوڙيائين. پوءِ زمين تي ڪري سجدو ڪندي


تڏهن ڪالب موسيٰ جي روبرو ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”هلو تہ هڪدم هلي اهو ملڪ هٿ ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان ۾ ايتري سگھہ آهي جو اهو پنهنجي قبضي ۾ ڪري سگھون.“


يهوداہ قبيلي جو اڳواڻ ڪالب ولد يفنہ،


يوسف جي پٽ افرائيم جي قبيلي جو اڳواڻ هوشيع ولد نون،


پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جو روح ٻئي قسم جو آهي ۽ پوريءَ طرح منهنجي فرمانبرداري ڪئي اٿائين، تنهن کي آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ وٺي ويندس جنهن ۾ هو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ويو هو ۽ اهو ملڪ سندس اولاد جي ميراث ٿيندو.


تن مان يفنہ جي پٽ ڪالب ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ڪوبہ انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندو، جنهن بابت مون قسم کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اُتي رهائيندس.


ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ويل ماڻهن مان رڳو نون جو پٽ يشوع ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب ئي وڃي جيئرا رهيا.


تنهن تي موسيٰ ۽ هارون انهن سڀني جي روبرو خداوند آڏو منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيا.


هنن بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم کي چيو تہ ”جنهن ملڪ جو اسان حال احوال معلوم ڪري آيا آهيون، سو نهايت ئي چڱو ملڪ آهي.


انهيءَ تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”هن شخص ڪفر بڪيو آهي. بس! هاڻي اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن، ڇو تہ اوهان پاڻ هن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا آهن.


تنهن تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”بس! اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن.


پر جڏهن انهن ٻنهي تبليغ ڪندڙن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن هو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڊوڙي وڃي ماڻهن جي وچ ۾ بيٺا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ


پوءِ بني يهوداہ قبيلي جا ڪي ماڻهو جِلجال ۾ يشوع وٽ آيا. انهن مان ڪالب بن يفنہ قنزيءَ کيس چيو تہ ”توهان کي خبر آهي تہ قادش‌برنيع ۾ مردِخدا موسيٰ کي منهنجي ۽ توهان جي باري ۾ خداوند ڇا فرمايو هو.


تڏهن يشوع ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن ڏک وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان شام تائين زمين تي منهن ڀر پيا رهيا. هنن پنهنجن مٿن ۾ مٽي پڻ وڌي.


جڏهن هن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائينس تہ ”هاءِ! اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ڏکائي وڌو، ٻين وانگر تون تہ مون کي ڏک نہ ڏئين ها. مون خداوند کي پنهنجي زبان ڏني آهي، جنهن کان آءٌ ڦري نہ ٿو سگھان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ