37 سو انهن خراب خبر ٻڌائيندڙ ماڻهن کي خداوند وبا سان ماري ڇڏيو.
37 يعني اهي ماڻهو جن انهي ملڪ بابت خراب خبر آندي هئي، سي خداوند جي حضور ۾ طاعون سان مري ويا.
پوءِ اوهان جي آڏو هڪ هزار مرن توڙي کڻي ڏهہ هزار، پر تڏهن بہ اوهان کي ڪو ڇيهو ڪونہ رسندو.
تنهنڪري مون خداوند جو اهو فرمان آهي تہ آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس نسل کي اهڙي سزا ڏيندس جو قوم مان سندن نالو نشان ئي مٽجي ويندو. هو اهي چڱا ڪم ئي نہ ڏسندو جيڪي آءٌ پنهنجي قوم لاءِ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند جي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“
تڏهن اوچتو ئي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ اهي ٻئي اتي خداوند جي سامهون سڙي مري ويا.
هو جنهن ملڪ جو حال احوال معلوم ڪري آيا هئا، تنهن بابت بني اسرائيل ۾ هڪڙي ڪوڙي خبر ڦهلائي ڇڏيائون. چيائون تہ ”انهيءَ ملڪ ۾ تہ اتي جي رهاڪن لاءِ ئي باهہ ٻري پيئي آهي. جيڪي ماڻهو اتي اسان ڏٺا، سي سڀ ڏاڍا قداور آهن.
آءٌ منجھن وبا موڪلي کين لاوارث ڪري ڇڏيندس. پر تو مان آءٌ هنن کان بہ هڪڙي وڏي ۽ زورآور قوم پيدا ڪندس.“
ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ويل ماڻهن مان رڳو نون جو پٽ يشوع ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب ئي وڃي جيئرا رهيا.
پوءِ خداوند وٽان باهہ آئي، جنهن انهن سڀني اڍائي سؤ ڄڻن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، جن لوبان آڻي پيش ڪيو هو.
جيڪي قورح جي بغاوت سبب مري ويا هئا تن کان سواءِ وبا ۾ مرڻ وارن جو تعداد چوڏهن هزار ست سؤ هو.
پوءِ هو موسيٰ سان جھيڙو ڪري چوڻ لڳا تہ ”ڪيڏو نہ چڱو ٿئي ها جو جڏهن اسان جا همقوم خداوند جي مقدس خيمي جي سامهون مري ويا هئا تڏهن اسين بہ مري وڃون ها.
پر تنهنجيءَ گڏهِہ مون کي ڏٺو ۽ ٽي ڀيرا منهنجي اڳيان مڙي ويئي. جيڪڏهن اها مڙي نہ وڃي ها تہ آءٌ تو کي ضرور قتل ڪري ڇڏيان ها، پر هن کي جيئرو ڇڏيان ها.“
پر اها وبا اڳ ۾ ئي چوويهہ هزار ماڻهو ماري چڪي هئي.
نڪي وري اسان کي ڪُرڪڻ ڪنجھڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ موت واري فرشتي هٿان چٽ ٿي ويا.
تنهن هوندي بہ خدا انهن مان گھڻن سان راضي نہ هو، تنهنڪري اهي رڻپٽ ۾ مري کپي ويا.
اهي ڪير هئا جن کان خدا چاليهن سالن تائين ناراض رهيو؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن گناهہ ڪيو ۽ جن جا لاش رڻپٽ ۾ پيا رهيا؟
۽ اهي ڪير هئا جن لاءِ خدا قسم کڻي فرمايو تہ ”هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها“؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن نافرماني ڪئي؟
جيتوڻيڪ اوهين اڳي ئي گنهگار قرار ڏيڻ وارا هي سڀ مثال ڄاڻو ٿا، تنهن هوندي بہ آءٌ اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان تہ خداوند پنهنجي قوم کي مصر ملڪ مان ڪڍي بچائي ورتو، پر پوءِ وري انهن مان ئي جن مٿس ڀروسو نہ رکيو تن کي تباهہ ڪيائين.