Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 14:29 - Muslim Sindhi Bible

29 اوهان جا لاش هن بيابان ۾ پيا رلندا، ڇو تہ اوهان سڀني منهنجي خلاف شڪايتون ڪيون آهن. سو اوهين ويهن سالن يا انهيءَ کان مٿي عمر وارا جيڪي بہ شمار ڪيا ويا هئا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 اوهان جا لاشا هن بيابان ۾ ڪرندا، ۽ انهن سڀني جا، جن جو اوهان ۾ شمار ڪيو ويو آهي، يعني اوهان جي شمار موجب جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي آهي، جن منهنجي برخلاف ڪرڪر ڪئي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 14:29
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري خداوند سندن خلاف قسم کڻي چيو تہ ”آءٌ کين بيابان ۾ ماري چٽ ڪري ڇڏيندس،


تنهنڪري هن هڪڙي ئي اشاري سان سندن ڏينهن پورا ڪري ڇڏيا. هائو، هن سندن حياتيءَ جا سال اوچتي آفت سان ختم ڪري ڇڏيا.


هائو، آءٌ اوهان منجھان باغين ۽ گنهگارن کي ڪڍي ڌار ڪندس. جنهن ملڪ ۾ اهي هاڻي رهن ٿا اتان کين ٻاهر ڪڍي ڇڏيندس، پر انهن کي آءٌ سندن وطن بني اسرائيل جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ نہ ڏيندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


اهڙيءَ طرح بني اسرائيل مان سڀيئي مرد جن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هئي ۽ جيڪي جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا ۽ جن جو سندن ڪٽنبن موجب شمار ڪيو ويو،


سي سڀيئي ڇهہ لک ٽي هزار پنج سؤ پنجاهہ مرد هئا.


انهن ۾ اهڙو هڪڙو بہ ماڻهو موجود ڪونہ هو، جنهن کي موسيٰ ۽ هارون پهرئين دفعي سينا جي بيابان ۾ شمار ڪيو هو.


اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو خداوند انهن جي باري ۾ فرمايو هو تہ ”اهي سڀ ضرور بيابان ۾ مري ويندا.“ سو انهن مان يفنہ جي پٽ ڪالب ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو هڪڙو بہ ماڻهو ڪونہ بچيو.


تنهن هوندي بہ خدا انهن مان گھڻن سان راضي نہ هو، تنهنڪري اهي رڻ‌پٽ ۾ مري کپي ويا.


قادش‌برنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، برساتي نهر زارد جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ سال لڳا. انهيءَ عرصي ۾ خيمي‌گاهہ منجھان سڀ جنگي مرد مري کپي ويا، جيئن خداوند انهن جي باري ۾ قسم کڻي چيو هو.


اهي ڪير هئا جن کان خدا چاليهن سالن تائين ناراض رهيو؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن گناهہ ڪيو ۽ جن جا لاش رڻ‌پٽ ۾ پيا رهيا؟


بني اسرائيل چاليهن سالن تائين بيابان ۾ پئي رليا ۽ انهيءَ عرصي دوران اهي سڀ جنگي مرد جيڪي مصر مان نڪتا هئا سي مري کپي ويا، ڇو تہ هنن خداوند جي نافرماني ڪئي هئي. خداوند بہ ساڻن قسم کنيو تہ جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو هن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جيڪو آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي سو کين ڏسڻ بہ ڪين ڏيندو.


جيتوڻيڪ اوهين اڳي ئي گنهگار قرار ڏيڻ وارا هي سڀ مثال ڄاڻو ٿا، تنهن هوندي بہ آءٌ اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان تہ خداوند پنهنجي قوم کي مصر ملڪ مان ڪڍي بچائي ورتو، پر پوءِ وري انهن مان ئي جن مٿس ڀروسو نہ رکيو تن کي تباهہ ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ