20 تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”مون تنهنجي چوڻ موجب کين معافي ڏني.
20 تڏهن خداوند فرمايو تہ مون تنهنجي چوڻ موجب انهن کي معافي ڏني:
تڏهن خدا فرمايو هو تہ ”آءٌ هنن کي برباد ڪندس.“ بلڪل ائين ئي ٿئي ها، جيڪڏهن خدا جو چونڊيل موسيٰ سندن وچ ۾ نہ پوي ها، تانتہ هو خدا جي ڪاوڙ ٽاري ڇڏي، ۽ اهي برباديءَ کان بچي وڃن.
اي خداوند اسان جا خدا! تو پنهنجي قوم جي ٻڌي آهي. تون اهو خدا آهين جيڪو کين معاف ڪندو رهيو آهين، تنهن هوندي بہ سندن ڪمن جي سزا کين ضرور ڏني اٿيئي.
تڏهن خداوند پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ کان باز آيو، جنهن جو ارادو ڪيو هئائين.
موسيٰ ورندي ڏنس تہ ”آءٌ خوشيءَ سان تنهنجي لاءِ دعا گھرندس. هاڻي وقت مقرر ڪري ٻڌاءِ تہ ڪڏهن آءٌ تنهنجي، تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجي رعيت جي لاءِ دعا گھران تہ هي ڏيڏر تو تان ۽ تنهنجي گھرن تان دفع ٿين ۽ رڳو درياءَ ۾ وڃي رهن.“
خداوند اسرائيل وارن کي فرمائي ٿو تہ ”جيڪي ماڻهو قتل ٿيڻ کان بچي ويا، تن کي بيابان ۾ منهنجو فضل حاصل ٿيو. جيئن تہ گھڻو اڳي بيابان ۾ بني اسرائيل آرام جي ڳولا ۾ هئا،
تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي دعا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.