Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 14:16 - Muslim Sindhi Bible

16 ’خداوند پنهنجي قوم کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائي نہ سگھيو، جنهن جي ڏيڻ جو ساڻن واعدو ڪيو هئائين، تنهنڪري کين بيابان ۾ ئي ماري ڇڏيائين.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 خداوند هن اُمت کي انهي ملڪ ۾ پهچائي نہ سگهيو، جنهن بابت انهن سان قسم کنيو هئائين، تنهنڪري کين بيابان ۾ ماري وڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 14:16
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصرين کي ائين چوڻ جو موقعو ڇو ملي تہ تون کين ٺڳيءَ سان هتان ڪڍي ويو آهين، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي جبلن ۾ ماري وجھين ۽ کين سڄيءَ دنيا تان مِٽائي ڇڏين؟ سو تون پنهنجي غصي کي ٽاري ڇڏ ۽ پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ واري ارادي کي ڇڏي ڏي.


سو هاڻي اي منهنجا رب! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي عظيم قدرت ڏيکار، جيئن تو فرمايو آهي تہ


ائين نہ ٿئي جو جنهن ملڪ مان تون اسان کي ڪڍي آيو آهين، تنهن ملڪ جا ماڻهو چون تہ ”خداوند جنهن ملڪ جو ساڻن واعدو ڪيو هو تنهن ۾ کين پهچائي نہ سگھيو ۽ جيئن تہ خداوند کي انهن کان نفرت هئي، تنهنڪري کين ٻاهر ڪڍي ويو تہ بيابان ۾ انهن کي ماري ڇڏي.“


پوءِ يشوع چوڻ لڳو تہ ”آہ! اي خداوند خدا! ڇو تو هن قوم کي اردن درياءَ جي پار آندو؟ ڇا انهيءَ لاءِ تہ اسان کي امورين جي حوالي ڪرين؟ يا انهيءَ لاءِ تہ اسين ناس ٿي وڃون؟ جيڪر اسين اردن درياءَ جي هُن ڀر ئي راضي ٿي رهي پئون ها!


ڪنعاني ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري وڪوڙي ويندا ۽ ڌرتيءَ تان اسان جو نالو ئي مِٽائي ڇڏيندا. پوءِ تون پنهنجي عظيم نالي لاءِ ڇا ڪندين؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ