1 انهيءَ رات سڄيءَ قوم جا ماڻهو رڙيون ڪري روئندا رهيا.
1 تڏهن ساري جماعت رڙيون ڪري روئڻ لڳي؛ ۽ ساري رات ماڻهن پئي رنو.
ان جي بدران هو پنهنجي تنبن ۾ ويهي ڪِرڪِر ڪرڻ لڳا، ۽ ڪنعان وڃڻ واري خداوند جي حڪم جي نافرماني ڪيائون.
انهن ڳالهين جي باوجود هو وري بہ گناهہ ڪندا رهيا، ۽ معجزا ڏسڻ جي باوجود بہ هنن خدا تي ڀروسو نہ ڪيو.
جڏهن فرعون انهن ماڻهن کي وڃڻ ڏنو، تڏهن خدا کين فلستين جي علائقي واري رستي کان نہ وٺي ويو، جيتوڻيڪ اهو ويجھو هو. هن ڪري جو خدا فرمايو هو تہ ”متان هي ماڻهو جنگ جھيڙو ڏسي پشيمان ٿين ۽ مصر ڏانهن موٽي وڃن.“
جڏهن ماڻهن اها هيبتناڪ خبر ٻڌي تڏهن ڏاڍا رنا ۽ رڙيا ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ پاڻ کي نہ سينگاريو.
آشر قبيلي جو اڳواڻ سٿور ولد ميڪاايل،
اسان اتي راڪاس بہ ڏٺا جيڪي عناق جو اولاد هئا. اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.“
هو موسيٰ ۽ هارون خلاف شڪايت ڪرڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اسين مصر جي ملڪ ۾ يا وري هن بيابان ۾ ئي مري وڃون ها تہ چڱو هو.
”انهيءَ هوندي بہ اوهين اوڏانهن وڃڻ تي راضي نہ ٿيا، بلڪ اوهان خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي خلاف بغاوت ڪئي.
پوءِ اوهين موٽي آيا ۽ خداوند جي حضور ۾ روئڻ لڳا. پر خداوند اوهان جي دانهن نہ ٻڌي، نڪي اوهان ڏانهن ڌيان ڏنائين.
جڏهن خداوند اوهان کي قادشبرنيع کان روانو ڪري چيو تہ ’وڃي انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪريو جيڪو مون اوهان کي ڏنو آهي،‘ تڏهن اوهان خداوند پنهنجي خدا جي حڪم خلاف بغاوت ڪئي. اوهان هن تي اعتبار نہ ڪيو ۽ سندس چيو نہ مڃيو.
منهنجا همقوم ڀائر جيڪي مون سان گڏ هليا هئا تن تہ ماڻهن جون دليون ئي ڏڪائي ڇڏيون هيون، پر مون خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جي پوري پيروي ڪئي.
تڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو ايترو تہ زور سان رنا، جو وڌيڪ روئڻ جي طاقت نہ رهين.