Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 11:16 - Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”بني اسرائيل قوم مان اهڙا ستر ڄڻا چونڊي ڪڍ، جن کي تون معزز ۽ مکيہ اڳواڻ طور ڄاڻين ٿو. انهن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي وٽ وٺي اچ ۽ کين پاڻ سان گڏ بيهار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ بني اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا، جن کي تون اُمت جا بزرگ ۽ اُنهن جا حاڪم ڄاڻين، تن کي منهنجي لاءِ گڏ ڪر، ۽ کين جماعت واري تنبوءَ ۾ وٺي اچ تہ توسان گڏ بيهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 11:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوسف کي ٻہ پٽ مصر ۾ ڄاوا هئا. اهڙيءَ طرح يعقوب جي ڪٽنب جا سڀيئي ماڻهو جيڪي مصر ۾ آيا سي ستر ڄڻا هئا.


موسيٰ سڄي بني اسرائيل منجھان لائق ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽ انهن مان هر هڪ کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن يا ڏهن ڏهن ماڻهن تي حاڪم مقرر ڪيائين.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جي ستر اڳواڻن کي وٺي مون وٽ مٿي چڙهي اچ. اوهين ڪجھہ مفاصلي تي بيهي سجدو ڪريو.


پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جا ستر اڳواڻ مٿي چڙهي ويا.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون مصر ويا ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيائون.


خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”وڃ ۽ ڪنڀر وٽان ٺڪر جي هڪڙي گھُگھي خريد ڪر. قوم جي اڳواڻن ۽ وڏن ڪاهنن مان بہ ڪن کي تون پاڻ سان وٺي وڃ.


اتي بني اسرائيل جي اڳواڻن مان ستر ڄڻا انهن بتن جي سامهون بيٺا هئا ۽ يازنياہ ولد سافن انهن جي وچ ۾ بيٺو هو. انهن سڀني جي هٿن ۾ لوباندان هئا، جن مان لوبان جو خوشبودار دونهون مٿي پئي اٿيو.


ان کان پوءِ موسيٰ ٻاهر نڪري ويو ۽ جيڪي خداوند چيو هئس سو ماڻهن کي ٻڌايائين. هن قوم جي اڳواڻن مان ستر ڄڻا گڏ ڪيا ۽ انهن کي مقدس خيمي جي چوڌاري بيهاريائين.


تڏهن موسيٰ اٿيو ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن کي ساڻ ڪري داتن ۽ ابيرام وٽ ويو.


انهيءَ کان پوءِ خداوند ستر شاگرد ٻيا بہ مقرر ڪيا ۽ کين ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ هر انهيءَ شهر ۽ ڳوٺ ڏانهن پاڻ کان اڳ ۾ روانو ڪيو جتي کيس وڃڻو هو.


پوءِ اهي ستر شاگرد ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي خداوند! اوهان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع ٿيا آهن.“


پوءِ مون اوهان جي قبيلن جي سردارن مان جيڪي ڏاها ۽ عملي ڄاڻ رکندڙ ماڻهو هئا، تن کي اوهان جي مٿان اڳواڻ مقرر ڪيو. اهي مون اوهان جي قبيلن مطابق ڪي هزارن هزارن جا، ڪي سَون سَون جا، ڪي پنجاهہ پنجاهہ جا ۽ ڪي ڏهن ڏهن جا اڳواڻ ۽ ٻيا عملدار بہ مقرر ڪيا.


”اوهين پنهنجن سڀني شهرن ۾، جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي قبيلن مطابق اوهان کي ڏيندو، جج ۽ حاڪم مقرر ڪجو. اهي ماڻهن ۾ بي‌ريائيءَ سان عدالت ڪن.


اوهين پنهنجن قبيلن جي سڀني سردارن ۽ پنهنجن عملدارن کي مون وٽ آڻي گڏ ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ سندن ڪنن تائين هي ڳالهيون پهچايان ۽ زمين ۽ آسمان کي مٿن شاهد ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ