47 پر لاويءَ جي نسل وارن کي ٻين قبيلن سان گڏ شمار نہ ڪيو ويو،
47 پر لاويءَ جي نسل وارا پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلي موجب، انهن ۾ شمار نہ ڪيا ويا؛
پر لاوي ۽ بنيامين قبيلي وارن کي يوآب شمار ۾ شامل نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ بادشاهہ جو حڪم کيس ناپسند هو.
ڇاڪاڻ تہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تہ
بلڪ تون لاوين کي مقرر ڪري ڇڏ تہ جيئن اهي ئي اهو مقدس خيمو جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، ۽ انهيءَ جو سمورو سامان کڻن، انهيءَ جي خدمت ڪن ۽ اهي ئي خيمي جي ٻاهران چوڌاري منزل ڪري رهن.
پر لاوي بني اسرائيل جي ٻين ماڻهن سان شمار نہ ڪيا ويا، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
جنهن ڏينهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهايو، تنهن ڏينهن تائين موسيٰ جي ڀاءُ هارون کي هي اولاد هو.
خداوند سينا جي بيابان ۾ موسيٰ کي فرمايو تہ
”تون لاوين جو سندن نسل ۽ ڪٽنب موجب شمار ڪر. جن نرن جي عمر هڪڙو مهينو يا انهيءَ کان مٿي هجي، تن سڀني جو بہ تون شمار ڪر.“
خداوند جي حڪم موجب موسيٰ جي معرفت هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي خدمت ۽ بار کڻڻ جي ڪم تي مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن سندن شمار ڪيو ويو.