Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تو سندس دل کي پاڻ ڏانهن سچو ڏٺو، ۽ ساڻس عهد ٻڌو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، يبوسين ۽ جِرجاشين جو ملڪ انهيءَ جي اولاد کي عطا ڪندين. تو پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي ڇاڪاڻ تہ تون سچو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ هن جي دل تو پنهنجي اڳيان سچي ڏٺي، ۽ هن سان اهو عهد اقرار ڪيو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ جرجاسين جي زمين انهيءَ جي اولاد کي ڏيندين ۽ تو پنهنجو انجام پورو ڪيو؛ ڇالاءِ جو تون سچو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:8
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”هي آهي اهو ملڪ جيڪو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ پوءِ ابرام خداوند جي لاءِ، جنهن کيس ڏيکاري ڏني هئي، اتي هڪ قربان‌گاهہ ٺاهي.


ابرام خداوند تي يقين ڪيو، انهيءَ ڪري خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.


خداوند چيس تہ ”ڇوڪر کي زخم نہ رساءِ ۽ ڪجھہ بہ نہ ڪرينس. هاڻ مون کي خبر پئي تہ مون خدا جو تون خوف رکين ٿو، ڇو تہ تو پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجھي نہ رکيو آهي.“


بيشڪ خدا جي راهہ ڪيڏي نہ ڪامل آهي! ۽ خداوند جو فرمان ڪيڏو نہ پرکيل آهي! جيڪي هن جي پناهہ ۾ اچن ٿا تن سڀني کي هو بچائي ٿو.


هائو، اهو ئي عهد جيڪو هن ابراهيم سان ٻڌو هو، هائو، اهو ئي قسم جيڪو هن اسحاق سان کنيو هو.


اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! بيشڪ تون سچو آهين، تنهن هوندي بہ تو اسان مان ڪجھہ باقي بچايا آهن. هاڻي اسين پنهنجن گناهن سوڌو تنهنجي حضور ۾ حاضر ٿيا آهيون، توڙي جو هن حالت ۾ ڪوبہ تنهنجي حضور ۾ بيهي نہ ٿو سگھي.“


جيڪي ڪجھہ اسان سان ٿيو آهي، تنهن ۾ تون حق تي آهين. بيشڪ تون وفا سان هليو آهين، پر اسين بڇڙائي ڪندا رهيا آهيون.


بيشڪ خداوند رحيم ۽ سچار آهي، اسان جو خدا ٻاجھہ ڪرڻ وارو آهي.


مون فيصلو ڪيو آهي تہ اوهان کي مصر وارن جي مصيبت مان ڪڍي، ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي.‘


انهيءَ لاءِ ئي آءٌ لهي آيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان. پوءِ کين سندن ملڪ مان ڪڍي ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ پهچايان جيڪو آسودو ۽ خوشحال هجي، يعني ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! اسرائيل ملڪ جي ويران ٿيل شهرن ۾ رهڻ وارا ماڻهو چوندا ٿا وتن تہ ’ابراهيم رڳو هڪڙو شخص هو، جنهن کي خداوند هي سڄو ملڪ ميراث طور ڏيئي ڇڏيو هو، جڏهن تہ اسين هاڻي تمام گھڻا آهيون. سو اهو ملڪ اسان جو ئي آهي.‘


انهيءَ ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن. حتي، يبوسي ۽ اموري جابلو علائقي ۾ ٿا رهن. ڀونوچ سمنڊ واري پاسي ۽ اردن درياءَ جي ڪناري سان ڪنعاني ٿا رهن.“


خدا انسان ناهي جو ڪوڙ ڳالهائي، هو آدمزاد ناهي جو پنهنجو ارادو بدلائي. هو جيڪي بہ چوندو آهي سو پورو ڪين ڪندو آهي ڇا؟ هائو، هو جيڪي بہ فرمائيندو آهي سو ضرور ٿيندو آهي.


پوءِ خدا هن کي هٽائي دائود کي انهن جو بادشاهہ مقرر ڪيو. خدا هن بابت هيئن چيو تہ ’مون يسيءَ جي پٽ دائود کي ڳولي ورتو آهي، جيڪو منهنجي دلي خواهش موجب آهي. هو هميشہ منهنجي مرضيءَ تي هلندو.‘


انهن ڏينهن ۾ اتي جيڪو ڪاهن هجي تنهن کي وڃي چئجو تہ ’اڄ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ اقرار ٿو ڪريان تہ آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ پهچي ويو آهيان، جنهن لاءِ خداوند اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي اسان کي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.‘


اهو ئي اسان جو محافظ آهي، سندس هر ڪم بلڪل ڪامل آهي، هن جون سموريون راهون انصاف تي اڏيل آهن، هو ئي سچو خدا آهي ۽ هر برائيءَ کان بلڪل پاڪ آهي، اهو ئي عادل آهي ۽ اهو ئي سچار آهي.


موسيٰ چيو تہ ”جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تڏهن اتي جون ست قومون يعني حتي، جِرجاشي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حِوي ۽ يبوسي، جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقت واريون آهن، تن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو.


اوهين پنهنجي نيڪوڪاريءَ يا دل جي سچائيءَ جي ڪري سندن ملڪ تي قبضو ڪرڻ نہ ٿا وڃو، بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا کين اتان ڀڄائي ٿو ڪڍي. هو انهيءَ لاءِ بہ کين ڀڄائي ٿو ڪڍي تہ جيئن خداوند پنهنجي انهيءَ واعدي کي پورو ڪري، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.


انهيءَ ايمان رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين دائمي زندگي ملي آهي. خدا، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن ازل کان ئي انهيءَ زندگيءَ جو واعدو ڪيو آهي.


ايمان جي ڪري ئي ابراهيم پنهنجي آزمائش وقت اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. جيتوڻيڪ ابراهيم خدا جا واعدا قبول ڪيا هئا ۽ خدا کيس فرمايو هو تہ ”اسحاق مان ئي تنهنجو نسل جاري ٿيندو،“ تنهن هوندي بہ هو پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.


سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. خدا اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي سندس پناهہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.


اهڙيءَ طرح يشوع سڄو ملڪ قبضي ڪري ورتو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. يشوع اهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن موجب ورثي طور ورهائي ڏنو. پوءِ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.


انهيءَ کان علاوہ هن اوڀر ۽ اولهہ ۾ رهندڙ ڪنعانين، امورين، حتين، فرزين، يبوسين جيڪي جابلو علائقن ۾ هئا ۽ مصفاہ علائقي ۾ حرمون جبل کان هيٺ رهندڙ حوين کي بہ سڏائي ورتو.


هاڻ آءٌ اوڏانهن وڃڻ وارو آهيان جتي دنيا جي هر ماڻهوءَ کي وڃڻو آهي. اوهين سڀيئي پنهنجين دلين ۾ ڄاڻو ٿا تہ خداوند خدا اهي سڀ چڱيون ڳالهيون پوريون ڪيون آهن، جن جو هن اوهان سان واعدو ڪيو هو. هر هڪ واعدو پورو ٿيو آهي، ڪوبہ نہ گُٿو آهي.


هوڏانهن اهي بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٽڪرين ۾، هيٺاهن ڍورن ۾ ۽ وڏي سمنڊ جي ڪناري سان لبنان ملڪ تائين حتين، امورين، ڪنعانين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جا بادشاهہ هئا، تن جڏهن بني اسرائيل جي ڪاميابين جون اهي ڳالهيون ٻڌيون،


پر جيڪڏهن اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ خدا اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪرڻ وارو پنهنجو واعدو پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ