نحمياہ 9:6 - Muslim Sindhi Bible6 رڳو تون ئي خداوند آهين. تون عرش عظيم ۽ آسمان ۽ ان جي سڀني گرهن ۽ سيارن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون زمين ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون سمنڊن ۽ جيڪي ڪجھہ منجھن آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. هر ڪا شيءِ تنهنجي ئي وسيلي قائم آهي. آسماني مخلوق پڻ تنهنجي عبادت ڪري ٿي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 تون ئي تون خدا آهين: تو آسمان، ۽ آسمانن جو آسمان، اُن جي سڄي لشڪر سميت، ۽ زمين ۽ ٻيون جيڪي شيون اُتي آهن، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي، سو سڀ تو پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن سڀني کي تون ئي قائم رکين ٿو؛ ۽ آسمان جو لشڪر توکي سجدو ڪري ٿو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون خداوند جا گواهہ آهيو. هائو، اي بني اسرائيل! تون منهنجو ٻانهو آهين، جنهن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين مون کي ڄاڻو، مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجھو تہ رڳو آءٌ ئي خدا آهيان. مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ناهي، نہ مون کان اڳ ۾ ڪو خدا هو، ۽ نہ مون کان پوءِ ڪو ٿيڻو آهي.