Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:38 - Muslim Sindhi Bible

38 انهن سڀني ڳالهين جي ڪري اسين بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو لکت ۾ اقرار ٿا ڪريون، جنهن تي اسان جا اڳواڻ، اسان جا لاوي ۽ اسان جا ڪاهن تصديق ڪري مهر ٿا هڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 ۽ انهن سڀني ڳالهين جي ڪري اسين پڪو عهد اقرار ٿا ڪريون، ۽ لکي ٿا ڏيون: ۽ اسان جا امير، ۽ اسان جا لاوي، ۽ اسان جا ڪاهن، انهيءَ تي مهر ٿا هڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:38
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ ٿنڀي جي ڀرسان ٿي بيٺو ۽ خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد اقرار ڪيائين تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي پوريءَ دل سان مڃينداسين، يعني عهدنامي جون ڳالهيون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“ پوءِ سڀني ماڻهن انهيءَ عهدنامي جو قسم تي اقرار ڪيو.


پوءِ يهويدع ڪاهن جي هدايت موجب هن پاڻ، بادشاهہ يوآس ۽ سندس سڄي قوم هڪڙو عهد اقرار ڪيو تہ اهي سڀيئي خداوند جي هڪ قوم ٿي رهندا.


هاڻ منهنجو ارادو آهي تہ اسين خداوند، بني اسرائيل جي خدا سان هڪڙو عهد ڪريون تہ من سندس قهر اسان تان ٽري وڃي.


پوءِ بادشاهہ پنهنجي جاءِ تي بيهي خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد ڪيو تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي دل وَ جان سان مڃينداسين، يعني جيڪي عهد واريون ڳالهيون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“


تنهنڪري هاڻي اچو تہ پنهنجي خدا سان هي عهد ڪريون تہ اسين اهي سڀ زالون ۽ جيڪو اولاد انهن مان ڄائو آهي سو تو اسان جي آقا ۽ جيڪي اسان جي خدا جي حڪمن کان ڊڄن ٿا تن جي صلاح سان ڪڍي ڇڏيون. اهو سمورو ڪم شريعت موجب ڪيو وڃي.


سڀ کان پهريائين نحمياہ گورنر ولد حڪلياہ تصديق ڪري مهر هنئي. ان کان پوءِ جن ڪاهنن تصديق ڪري مهر هنئي سي هي هئا: صدقياہ،


انهن مان ڪي پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪندي چوندا تہ ’اسين خداوند جا آهيون،‘ ڪي چوندا تہ ’اسين بني اسرائيل جا آهيون.‘ جڏهن تہ ڪي پنهنجي پنهنجي هٿ تي لکندا ’خداوند جو،‘ ۽ پاڻ کي فخر سان منهنجي قوم بني اسرائيل جو سڏائيندا.“


پوءِ هو پهريدارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا ۽ قبر جي منهن تي ڏنل پٿر تي مُهر هڻي اتي پهرو بيهاريائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ