Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:34 - Muslim Sindhi Bible

34 اسان جي بادشاهن، اسان جي اميرن، اسان جي ڪاهنن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن تنهنجي شريعت تي عمل نہ ڪيو. هائو، هنن نہ تنهنجي حڪمن کي مڃيو، نڪي تنهنجي طرفان مليل نصيحتن تي ئي ڪو ڌيان ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 نڪي اسانجن بادشاهن، اسانجن اميرن، اسانجن ڪاهنن، نڪي اسانجن ابن ڏاڏن، تنهنجي شريعت تي عمل ڪيو آهي، ۽ نہ تنهنجا حڪم، ۽ تنهنجون شاهديون ٻڌيون اٿن، جن سان تو هنن جي برخلاف شاهدي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:34
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند پنهنجي سڀني نبين ۽ غيبدانن جي وسيلي اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن کي تنبيهہ ڪئي هئي تہ ”پنهنجن بڇڙن رستن کان باز اچو ۽ منهنجي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي هلو جيڪي مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنا هئا ۽ انهيءَ کان پوءِ پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي اوهان کي بہ ڏنا.“


هنن سندس حڪمَ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو عهد برقرار نہ رکيائون جيڪو خداوند سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو. هنن سندس تنبيهن تي بہ ڪو ڌيان نہ ڏنو، بلڪ ڪين جهڙن بتن جي پٺيان لڳي پاڻ بہ ڪين جهڙا ٿي پيا. سندن آس‌پاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، حالانڪ خداوند کين تنبيهہ ڪندو رهيو تہ انهن جهڙا ڪم نہ ڪن.


اسان جي ابن ڏاڏن نافرماني ڪئي. هنن خداوند اسان جي خدا کي ڇڏي اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خدا جي نظر ۾ برا آهن. هنن پنهنجا منهن خداوند جي گھر کان ڦيري ڇڏيا ۽ ان کي پٺي ڏنائون.


پر هاڻي اي اسان جا خدا! هن کان پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجي حڪمن جو ڪوبہ لحاظ نہ رکيو آهي،


تڏهن بہ ڪيترن ئي سالن تائين تو کين برداشت ڪيو، ۽ پنهنجي نبين جي معرفت کين پنهنجي روح جي وسيلي نصيحتون ڪندو رهئين. تنهن هوندي بہ جڏهن هنن ڪو توجھہ نہ ڏنو، تڏهن تو هنن کي آس‌پاس وارين قومن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


جيڪي ڪجھہ اسان سان ٿيو آهي، تنهن ۾ تون حق تي آهين. بيشڪ تون وفا سان هليو آهين، پر اسين بڇڙائي ڪندا رهيا آهيون.


توڙي جو تنهنجي ڀلائيءَ سان کين بادشاهت ملي، جتي تنهنجي عطا ڪيل ڪشادي ۽ زرخيز زمين تي هنن مزا پئي ماڻيا، تہ بہ هنن نڪي تنهنجي عبادت ڪئي، ۽ نہ وري هو پنهنجن بڇڙن ڪمن کان ئي باز آيا.


ان جو سبب هي آهي جو هنن منهنجي انهن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي، جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي بار بار کين ٻڌائيندو رهيو آهيان. هنن تہ اهي ڳالهيون ٻڌڻ ئي گوارا نہ ڪيون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.


بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.


مون بار بار پنهنجا ٻانها نبي اوهان ڏانهن پئي موڪليا جن اوهان کي ٻڌايو تہ ’اهو ڪراهت جهڙو ڪم نہ ڪريو جنهن کان خداوند کي نفرت آهي.‘


پر يروشلم وارن منهنجي حڪمن ۽ منهنجي شريعت خلاف بغاوت ڪئي ۽ پاڻ کي ٻين قومن ۽ آس‌پاس وارن ملڪن کان وڌيڪ بدڪار ثابت ڪيو. هنن منهنجي حڪمن کي رد ڪيو ۽ منهنجي شريعت تي هلڻ کان انڪار ڪيائون.


اسان تنهنجي بندن يعني انهن نبين جي ڳالهہ نہ مڃي آهي، جن اسان جي بادشاهن، اسان جي سردارن، اسان جي ابن ڏاڏن توڙي ملڪ جي سڀني ماڻهن کي تنهنجو فرمان ٻڌايو.


پوءِ جڏهن گھڻيون ئي آفتون ۽ مصيبتون انهن تي اينديون، تڏهن هي گيت شاهد وانگر مٿن شاهدي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ اهو سندن اولاد کان وسري ڪين ويندو. انهيءَ کان اڳ جو آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ پهچايان، جنهن بابت مون ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو هو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ هن وقت هنن جا خيال ڪيڏانهن پيا ڊوڙن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ